واهي پانڌي (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، مرڪزي تعليمي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري دريا خان زئور، شيخ جمال برھماڻي ۽ ايس ايس ٽي اڳواڻ عاطف ملاح جي واهي پانڌي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڪيل ڳالھ ٻولھ. عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار چيو ته پيپلز پارٽي جو سنڌ مٿان 16 سالا اقتدار سنڌ جي تاريخ جو بدترين دور حڪومت ثابت ٿي چڪو آهي. هن وقت صدر آصف علي زرداري جي سرپرستي هيٺ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ جي ڪروڙين عوام مٿان ايٽم بم ڪيرائڻ کان وڌيڪ خطرناڪ حملو آهي. ايٽم بم ڪيرائڻ سان هڪڙي ئي ڌڪ ۾ ڪروڙين انسان مري ٿا وڃن پر ڪينالن وسيلي سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ ۾ رهندڙ ڪروڙين انسانن جانورن ۽ ٻي جيوت کي سسڪائي سسڪائي ۽ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپائي مارڻ جو منصوبو آهي. حڪمرانن ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن تحت ملڪ جي مظلوم قومن جي وسيلن، پاڻي ۽ زمينن تي قبضي ڪرڻ جي خطرناڪ سازش جوڙي آهي.