خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڪينالن ڪڍڻ ۽ خوراڪ تي ھڪ ھٽي قائم ڪرڻ خلاف ڦول باغ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي سنڌ هاري پارٽي جو مرڪزي صدر مير منور ٽالپر، ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي، ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جي صوبائي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال ۽ پارٽي جي ضلعي اڳواڻ ايڊووڪيٽ نثار سومرو، ايڊوڪيٽ فياض احمد خميساڻي، ايڊوڪيٽ نور احمد تنيو ۽ ٻين ڪئي. ريلي کي مختلف جڳھن تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ زريعي ھڪ طرف ملڪ جون زمينون سرمايه دار ڪارپوريشن ۽ غير. لڪي ڪمپنين کي ڏنيون پيون وڃن، ٻئي طرف انھن کي آباد ڪرڻ لاءِ مڙني معاھدن جي ڀڃڪڙي ڪندي نوان ڪينال ٺاھي زوري پاڻي کسيو پيو وڃي. جڏھن ته ھن وقت به ملڪ ۾ وڏي پيماني تي پاڻي جي کوٽ آهي. انھن منصوبن سان سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي آباد زمينن جو پاڻي کسي انھن کي غير آباد ڪيو ويندو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اھڙن ملڪ دشمن منصوبن خلاف پوري ملڪ جي عوام کي زبردست احتجاج ڪرڻ گھرجي.