سکر(رپورٽر) ناليواري قانوني ۽ آئيني ماھر شھاب الدين اوستي چيو آھي ته ملڪ ۾ مختلف دورن ۾ آئيني ۽ قانوني بحران رھيا آھن، ملڪ جا ڪرپٽ سياست دان ۽ بيروڪريٽس ان جا ڀاڳي ڀائيوار رھيا آھن، ھن وقت به ڪيتريون ئي قانوني پيچيدگيون موجود آھن، ھو سکر پريس ڪلب ۾ جاڳرتا فورم سکر طرفان پاڪستان ۾ قانوني ۽ آئيني بحران جي موضوع تي ليڪچر ڏئي رھيو ھو ، ھن چيو ته اھا ھن ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي بدقسمتي آھي جو ھت قانون پنھنجي مرضيءَ ۽ مفادن موجب جوڙيا وڃن ٿا، جنھن جو سڌو فائدو اھڙا قانون جوڙيندڙن وقت جي حڪمرانن کي ئي حاصل ٿئي ٿو ، مختلف ادارن ۽ خاص ڪري ملڪ جي چئني پلرن وچ ۾ ڇڪتان سبب آئيني بحران جنم وٺندا رھيا آھن ، جنھن چي ڪري ھت حڪومتون ڊاھيون وينديون رھيون آھن، ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ جيڪي ننڍين قومن ۽ غير مسلمانن کي حق حاصل آھن اھي نٿا ڏنا وڃن، تعليم صحت ۽ روزگار جي فراھمي رياست جي ذميواري آھي پر ھت ان مٿان ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي، جنھن جي ڪري بک بدحالي ۽ بيروزگاري ڪر کنيون بيٺي آھي ۽ امن امان جي صورت حال ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي رھي ٿي ۽ بيرزوگار نوجوان ڏوهه ڪرڻ تي مجبور آھن، ڪيترائي ڪٽنب مھانگائي کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪن پيا، اسپتالن تعليمي ادارن سميت ھر سرڪاري ۽ توڙي خانگي ادارن ۾ اقربا پروري چوٽ چڙھيل آھي، اسان جي عام ماڻهو کي پنھنجن آئيني حقن بابت ڄاڻ ئي ناھي، جنھن ۾ آئين موجب چئني صوبن جي اختيارن ۽ خودمختياري بابت شفاف پلاننگ ڪئي وڃي، سنڌ سميت سڀني ننڍن صوبن جا حق کين ڏنا وڃن، خاص ڪري پاڻيءَ جي ورڇ آئين موجب ڪرڻ لازمي آھي، ناڻي جي ورھاست صوبن کي ڏنل آئيني حقن مطابق نٿي ڪئي وڃي،