لياري ڪاليج ۾ شاگردن جي داخلا ختم ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد

ڪراچي ( رپورٽر ) هاءِ ڪورٽ لياري ڪاليج ۾ شاگردن جي داخلا رد ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي  آئيني بئنچ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ داخلائن جي تڪرار واري معاملي تي آئيني بئنچ شاگردن جي داخلا رد ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ داخل شاگرد جي داخلا فيس واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو، لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار لاءِ معاملو انتهائي پريشان ڪندڙ آهي، درخواستگذار جو ڊاڪٽر بڻجڻ جو خواب هو جيڪو موجوده صورتحال ۾ خطري ۾ آهي، انفرادي طور تي اسان سڀني کي درخواست گذار سان همدردي آهي، پر ججن جي حيثيت ۾ اسان قانون مطابق فيصلو ڪرڻ جا پابند آهيون ، عدالت شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ۽ پي ايم ڊي سي کي لکت ۾ مدد لاءِ طلب ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.