زمينون ۽ درياهه کسڻ جي ڪوشش ٿي پئي:رياض چانڊيو

شھدادڪوٽ (ن ع آ ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته سنڌو درياءَ کي بچائڻ لاءِ سنڌي قوم وڏي حد تائين متحرڪ ٿي وئي آهي، ھاڻ جدوجهد کي اڃا وڌائڻو آهي، ايندڙ وقت ۾ سنڌ ۽ پنجاب  جي دنگ تي به ڌرڻا هنيا ويندا. سنڌ ملڪ جي لائيف لائين آھي، اسان ئي ون يونٽ ۽ سنڌ جو ٻٽو بلدياتي نظام ختم ڪرايو. ھاڻ سنڌين جي ساٿ سان درياءَ تي رٿيل منصوبا به ختم ڪرائي ڏيکاريندا سين، رياض چانڊيو چيو ته حڪومتي دٻاءَ خلاف مزاحمت ڪندي سنڌي قوم درياهه بچائڻ لاءِ جدوجهد ۾ اڳڀري آهي، پيپلزپارٽي جي 26ھين ترميم جو فائدو ته نه پر وڏو نقصان ٿيو آهي، سنڌ ۾ وري ٻٽو نظام آڻڻ تحت وڏو وزير ڪراچيءَ ۾ اربن پوليس آڻي رهيو آهي،ھاڻي ٽول پلازه تي پوليس بيھاري سنڌين جي ڪراچيءَ ڏانهن روڪ ڪئي ويندي،اربن پوليس نظام جي مذمت ڪندي پوليس مان ڌارين جي نيڪاليءَ جو مطالبو ڪريان ٿو، هن چيو ته اسان سنڌ ۾ قومي سجاڳي لاءِ نڪتل آھيون ته جيئن درياءَ تي ڌاڙي خلاف ھلندڙ جدوجهد لاءِ ماڻهن کي گهڻي ڀاڱي سرگرم ڪريون، گرين پاڪستان ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينون ۽ درياءُ کسڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جڏهن ته ملڪ ۾ اڳ ئي پاڻي ڪونھي، سکر بئراج جي رائيٽ بئنڪ جي ڪئنالن کي 21 ھزار ڪيوسڪ بدران پر رڳو 15 ھزار ڪيوسڪ ملي پيو، هن چيو ته اسان سنڌ کي 17 جنوريءَ تي سن ۾ گڏ ڪرڻ جو سڏ ڏيندي درياهه تي قبضو نامنظور جو گڏيل نعرو ھڻائڻ گهرون ٿا جنهن لاءِ مھم ھلائيندي مان ذاتي طور تي ايس يو پي، جي ڊي اي، جسقم جي نياز ڪالاڻي گروپ ، سن ۾ سائين جي ايم سيد جي خاندان وارن سان مليو آھيان جن کان مثبت موٽ ملي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.