ڪراچي ۾ عورت جي سربراهي ۾ هلندڙ اسٽريٽ ڪرائيم گينگ جا 22 ڄڻا گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ عورت جي سربراهي ۾ هلندڙ اسٽريٽ ڪرائيم گينگ جي 22 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو . ايف  بي انڊسٽريل ايريا پوليس ڪارروائي ڪري اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث گروهه کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق موجب 22 ڄڻن جي گينگ کي عورت هلائي رهي هئي، جوابدار ڦر جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهن. ايس ايس پي سينٽرل جو چوڻ آهي ته واقعي کان اڳ جوابدار فيڪٽري ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ ريڪي به ڪندا هئا، عورت جو مڙس به ڦر ۾ سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪندو هو. ايس ايس پي سينٽرل ٻڌايو ته گينگ ۾ شامل اڪثر جوابدار 1 سالن کان ڏوهن ۾ ملوث هئا ۽ پهريون ڀيرو گرفتار ٿيا آهن. جوابدارن وٽان 3 پستول، موبائل فون، روڪ رقم ، ڪيمرا ۽ ليپ ٽاپ هٿ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.