برلن (م ڊ) جرمني جي شهر ماگڊبرگ ۾ هڪ شخص ڪرسمس جي بازار ۾ ميڙاڪي تي گاڏي چاڙهي ڇڏي جنهن سبب 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 200 زخمي ٿي پيا. جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. جرمن چانسلر اولاف شولز موجب واقعي تي پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو. شهر جي ترجمان مائيڪل ريف موجب شڪ آهي ته اهو واقعو ڄاڻي واڻي ڪيو ويو. عملدارن موجب جوابدار ڊاڪٽر هو ۽ سندس ڪو شڪي رڪارڊ نه هو. مبينا حملي آور سعودي شهري ٻڌايو پيو وڃي.
-
ڪراچي ۾پوليو ٽيم تي حملي واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي ضمانت منظور
ڪراچي (رپورٽر) جڊيشنل مجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پوليو ورڪر ٽيم تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي . پوليس چئن عورتن سميت 6 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي .پوليس پاران رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي هئي .عدالت پوليس جي جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي جوابدار ثمينا،ماهه جيبن ،آمنه ،اقراگل ،عمران ۽ صفيان جي 10،10هزار رپين جي عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي ، عدالت جاچ آفيسر کان 14ڏينهن ۾ چالان طلب ڪري ورتو آهي .