فوجي چوڪي تي حملو، 16 جوان شهيد، 8 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي(م ڊ) افغان سرحد ويجهو فوجي چيڪ پوسٽ تي پاڪستاني طالبان جي حملي ۾ 16 فوجي شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا، حملو ميڪن نالي علائقي ۾ ڪيو ويو، جيڪو افغان سرحد کان چاليهه ڪلوميٽر  پري خيبر پختونخوا صوبي ۾ آهي، شدت پسندن جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ ۾ رات 12 وڳي کان پوءِ، جابلو علائقي جي ٽن طرفن کان حملو ڪيو، سڪيورٽي عملدارن موجب حملي ۾ 30 شدت پسند شامل هئا ۽ فائرنگ جي ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيو. دهشتگردن چيڪ پوسٽ تي موجود مواصلاتي نظام، دستاويزن ۽ ٻي سامان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، هوڏانهن پاڪستان تحريڪ طالبان هڪ بيان ۾ حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو ته اسان پنهنجي سينيئر ڪمانڊرن جي مارجڻ تي بدلي ۾ حملو ڪيو آهي، گروپ دعويٰ ڪئي آهي ته فوجي سامان جو هڪ ذخيرو هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مشين گن ۽ هڪ نائيٽ ويزن ڊيوائس به شامل آهي، هوڏانهن آءِ ايس پي آر حملي ۾ 16 اهلڪارن جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو آهي ته جوابي ڪارروائي ۾ 8 خارجي مارجي ويا آهن، شهيد جوانن ۾ لانس نائڪ محمد اسحاق، حوالدار ايوب خان، عمر حيات، سپاهي محمد محبوب رحمان، محمد حيات، شير محمد، احسان الحق، جنيد، حامد علي، ڪليم الله، طاهر محمود، مصور شاهين شامل آهن، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پاڪستان جون سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون ئي اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون، هوڏانهن خيبر ضلعي علائقي رجگال ۾ ڪارروائي دوران چار خارجي مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 22 ورهين جو سپگاهي عامر سهيل آفريدي شهيد ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.