آئيني بئنچ برقرار، سمورا جج شامل ڪرڻ جي تجويز رد، قاعدن ۾ تبديلي

اسلام آباد(م ڊ) جڊيشل ڪميشن آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قاعدن جي منظوري ڏني وئي ۽ ڪجهه  ضابطن ۾ معمولي تبديليون پڻ ڪيون ويون، ذريعن موجب نون ايڊيشنل ججن جي ميڊيڪل ٽيسٽ جو شرط ختم ڪيو ويو، ڪنهن اميدوار جي انٽيليجنس رپورٽ وٺڻ يا نه وٺڻ ڪميشن جي صوابديد تي هوندو، حتمي مسودي موجب ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ 3 نالن تي غور ڪندي، سينيئر جج کي چيف جسٽس نه بڻائڻ جا سبب ٻڌائڻ لازمي هوندا، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ جج جي مقرري لاءِ هاءِ ڪورٽ مان 5 نالا پيش ڪيا ويندا، آئيني بئنچ برقرار رکڻ جو فيصلو 6/7 جي تناسب سان ٿيو، ووٽنگ ۾ 7 ميمبرن بينچ برقرار رکڻ جي حق ۾ فيصلو ڏنو، جڏهن ته جسٽس جمال مندو خيل سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن کي آئيني بينچ ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني، جڊيشل ڪميشن نئين ضابطن تحت ايڊيشنل ججن لاءِ نامزدگيون 3 جنوري تائين طلب ڪري ورتيون آهن، ايڊيشنل ججن لاءِ نامزدگيون لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس موڪليندو ۽ ايڊيشنل ججن لاءِ اڳ ئي موڪليل نالا اتفاق راءِ سان واپس ورتا ويندا، ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه جوڊيشل ڪميشن کي خط لکي چيو ته رولز ۾ آئيني بئنچ لاءِ ججن جي مقرري جو ميڪنزم هئڻ گهرجي، هن ججن جي مقرري ۾ انٽيليجنس ايجنسي کان رپورٽ وٺڻ جي مخالفت ڪئي آهي ۽ چيو ته انٽيليجنس ايجنسي کي ڪردار ڏنو ويو ته ان جو غلط استعمال ٿي سگهي ٿو.

  • جڊيشل ڪميشن وسيلي مقرر ٿيل سفارشي جج ڪهڙا فيصلا ڏيندا؟ جسٽس (ر)رمدي

اسلام آباد(عبدالقيوم صديقي) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس ريٽائرڊ خليل الرحمان رمدي چيو آھي تھ پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ جي جج کان سگھارو ڪير بھ ناھي،ججن جون بھ خواھشون عام انسان وانگر ٿين ٿيون سو غلطيون انھن کان بھ ٿينديون ھونديون 18ھين آئيني ترميم۾ ججن جي مقرري جو طريقيڪار تبديل ڪيو ويو. ان ٻڌڻي واري بينچ جو مان بھ حصو ھيس پر فيصلو نھ ٿي سگھيو.ٺيڪ آھي پارليامينٽ کي اختيار آھي بسم الله  پر جنھن اداري وٽ بھ اختيار ھجي ان کي استعمال ڪندي خيال ڪرڻ گھرجي. ايگزيڪيوٽو بھ ملوث ھئي جڊيشري بھ شامل ھئي تھ خرابي ڪھڙي ھئي. ھنن ڇا ڪيو جو 18ھين ترميم ۾ جڊيشل ڪميشن بڻائي ڇڏيو سپريم ڪورٽ ھائي ڪورٽ جي جج جي مقرري آھي تھ ھائي ڪورٽ جو چيف جسٽس آھي ايتري تائين تھ ٺيڪ آھي پر ھنن اٽارني جنرل کي بھ جڊيشل ڪميشن جو ميمبربڻايو. لا منسٽر کي بھ بڻايو.جڏھن مون کي خبر آھي تھ اٽارني جنرل منھنجي اپوائنٽنگ اٿارٽي آھي تھ ان جو ڪيس اگر منھنجي سامھون ايندو تھ ڪھڙو فيصلو ڪندس؟ اھا زيادتي ۽ ظلم آھي.ھڪ ووٽ اٽارني جنرل ھڪ ووٽ قانون واري وزير جو آھي باقي توھان 8 ماڻھو پارليامينٽ جا ويھاري ڇڏيا آھن  مان ڪجھھ چوڻ نھ ٿو گھران . توھان آمريڪي سينيٽ جي نقل ڪرڻ گھرو ٿا. ڪنھن جي توھين نھ ٿو ڪرڻ گھران پر ھنن جا سينٽير ڏسو ۽ پنھنجا سينيٽر ۽ ايم اين اي ڏسو. منھنجي صلاحيت کي ھاڻي ھڪ ايم اين اي جيڪو خبر ناھي ڏھين پاس آھي بي اي پاس آھي بھ يا نھ اھو چڪاسيندو اھو فيصلو ڪندو تھ سپريم ڪورٽ جو يا ھائي ڪورٽ جو جج ڪير ٿيندو؟ ۽ صوبي جو چيف جسٽس ڪير ٿيندو؟ ڪھڙيون ڳالھيون ٿا ڪريو.ھڪ وڪيل کي توھان جڊيشل ڪميشن جو ميمبر بڻايو ھاڻي اھو روز مون وٽ پيش ٿيندو آھي ڪڏھن اسٽي ڪڏھن ضمانت ٿو گھري پوءِ ڪھڙي منھن سان ان کي انڪار ڪندس؟ توھان مون لاءِ ڪھڙو سازگار ماحول پيا بڻايو؟ هن چيو ته ريڪوڊڪ ڪيس ۾  جسٽس افتخار کان ڇو ٿا پڇاڻو ڪريو ،ٺيڪي تي صحيح ڪندڙ وڏي وزير ڇو نھ ٿا پڇاڻو ڪريو،عالمي طور پيل ڏنڊ  تي ھنن کي ٻڌائڻو ھيو تھ اھو سپريم ڪورٽ جو فيصلو آھي پر ھنن ائين نھ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.