نيو يارڪ (م ڊ) عالمي سروي موجب ٽيڪس ڏيندڙن مخصوص خدمتن عيوض ٽيڪس ادا ڪرڻ تي راضي هوندا آهن پر هڪ ڀاڱي 3 آبادي پنهنجي ٽيڪس مان حاصل ٿيندڙ رقم کي عوامي منصوبن تي لڳلندي ڏسي ٿي. سروي موجب 52 سيڪڙو ماڻهو ان ڳالهه تي متفق آهن ته ٽيڪس، لاڳت بدران برادري لاءِ هڪ ڀائيواري جي طور تي استعمال ٿيندا آهن پر 25 سيڪڙو ان ڳالهه تي متفق ناهن ۽ ان معاملي ۾ ٻيا جواب ڏيندڙ اڻ ڌريا رهيا. 33 سيڪڙو اتفاق ڪن ٿا ته ملڪ ۾ ٽيڪس اوڳاڙي عوامي ڀلائي لاءِ خرچ ٿئي ٿي، 46 سيڪڙو اتفاق نه ڪيو ۽ ٻيا جانبدار رهيا. 32 سيڪڙو اتفاق ڪن ٿا ته ٽيڪس سان عوامي خدمت ٿئي ٿي ۽ 50 سيڪڙو اتفاق نٿا ڪن، ٻيا اڻ ڌريا رهيا.