27ھين آئيني ترميم مولانا کي راضي ڪري پاس ڪرائي ويندي

اسلام آباد(نجم سيٺي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ھارڊلائنر آھي ۽ پنجاب ۾ رھندي ھن پي ٽي آءِ جو بھتر علاج ڪيو ھيو اصل ۾ ڪرم ايجنسي جي حالتن سبب  وفاقي ۽ صوبائي حڪومت مٿان عوامي دٻاءٌ وڌي ويو آھي اتي تمام گھڻا ماڻھو مارجي ويا آھن ۽ حڪومتون ھڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ رڌل رھيون ان جي ڪري ڪي پي ۾ ايپڪس ڪميٽي اجلاس ڪرڻو پئجي ويو. نقوي اھو پيغام کڻي ويو تھ ھڪ ڌر تھ ھٿيار ڦٽي ڪيا آھن ٻئي ڌر کنيو ويٺي آھي سو انھن خلاف ڪجھھ ڪرڻو پوندو ھن وقت اسٽيبلشمينٽ سمجھي ٿي تھ خان ڪمزور آھي ۽ اھا سگھاري آھي سڀ آپشن ھن کليل رکيا آھن ۽ پي ٽي آئي کي چيو آھي تھ جيڪو بھ فيصلو اچي ان بعد متاثر ڌر نظرثاني اپيل ڪري سگھي ٿي .حڪومت چاھي ٿي تھ پارليامينٽ واري وفد سان ڳالھيون ڪن تھ جيئن اھو تاثر وڃي تھ پي ٽي آئي ھن سرڪار کي تسليم ڪري ٿي پيپلزپارٽي مان بھ ماڻھو شامل ٿيندا نويد قمر اچي سگھي ٿو. مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي تي مولانا کي راضي ڪي و ويندو  حڪومت ھاڻي 27ھين ترميم ڏانھن وڃي رھي آھي سو مولانا کي فائدو ڏيندي کيس چيو ويندو تھ  اسان جي بھ مدد ڪر، جيڪا ترميم ايندي ان تي شايد مولانا کي بھ ڪو اعتراض نھ ھوندو سو معاملو ٺھي ويندو. آمريڪا پاران پابندي وارو معاملي جي ٽائيم لائين اھم آھي. تازوئي ڀارت چين سان بارڊر اشوز تي سيٽلمينٽ ڪئي آھي. ٻيو ڊونلڊ ٽرمپ انڊيا کي ڌمڪي ڏني آھي تھ اھو اسان سان پور ي ريت تعاون نھ پيو ڪري ان مٿان بھ واپاري پابنديون لڳائينداسين اها ڌمڪي ھن وقت ڏيڻ جو مطلب اھو آھي تھ اھي ڀارت کي چين خلاف آڻڻ پيا گھرن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.