ڪراچي ( رپورٽر) بنارس فلائي اوور تي ڦرلٽ دوران نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. 35 ورهين جي جمال جي ٻن هفتن بعد شادي هئي، گهر ۾ شادي جون تياريون هلندڙ هيون.فوتي جمال جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته ڀاءُ نئين موٽرسائيڪل خريد ڪئي هئي ۽ نئين موٽرسائيڪل تي پنهنجي دوست سان گڏ گهمڻ لاءِ ويو هو. ڪراچي شهر ۾ هلندڙ سال ڦر دوران مارجي ويلن جو انگ 110 کان وڌي ويو آهي.