ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ ٿر ڪلائميٽ مارچ، علامتي بک هڙتال

اسلام ڪوٽ (رپورٽ: سجاول بجير) ٿر جي سڄاڻ اڳواڻن ڪارونجهر جبل ۽ ٿر جي فطرت جي تحفظ لاءِ ٿر ڪلائميٽ مارچ ۽ علامتي بک هڙتال ڪئي. ٿر سٽيزن فورم جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر کي عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنو وڃي، ڪٽائي تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي، ۽ سنڌ حڪومت طرفان ڪيس سپريم ۽ آئيني عدالت ۾ موڪلڻ بند ڪيو وڃي. مارچ ڪلوئي کان اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر تائين موٽرسائيڪلن ۽ گاڏين  جي قافلي سان ٿيو، جتي مقامي ماڻهن ۽ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي. مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن ڪارونجهر جبل، وڻ، ٻوٽن ۽ جهنگلي جيوت جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته جبل ۾ مذهبي آستان، قيمتي وڻ ۽ جڙي ٻوٽيون صدين کان ماڻهن جي ثقافت جو حصو آهن. ٿر سٽيزن فورم جي چيئرمين اوڀايو جوڻيجو، سيڪريٽري جنرل عظمي، الهرکيو کوسو ۽ ٻين چائنا ڪلي ۾ مزدورن سان ناجائز سلوڪ، شهر ويجهو فيڪٽريون ۽ زهريلو پاڻي بند ڪرڻ، ماحول جي تحفظ ۽ مقامي ماڻهن کي حق ڏيڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. مارچ دوران شرڪت ڪندڙن چيو ته ڪارونجهر جي حسن ۽ ٿر جي فطرت تي حڪمرانن جون خراب نظرون آهن ۽ وفاقي ۽ صوبائي سرڪار کي فوري قدم کڻڻ گهرجن. ٿر ڪلائميٽ مارچ 29 نومبر تي مٺي پهچندو، جتي وڌيڪ آگاهي مهم ۽ احتجاج جاري رهندو.

رڳو ڪارنجهر نه سڄي سنڌ سان ڇا پيو ٿئي؟:منور ٽالپر

 

عمرڪوٽ(عوامي آواز نيوز)پ پ اڳواڻ مير منور ٽالپر چيو آهي ته رڳو ڪارونجهر ڇو؟سڄي سنڌ سان ڇا پيوٿئي؟وڪيل ان تي ڳالهائن،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وڪيل ٺلهو ڪارونجهر تي احتجاج ڪري رهيا آهن،سپرهاءِ وي کان وٺي ڪراچي تائين ڪيتريون زمينون الاٽ ٿيون آهن،ڪارونجهر اسان جو اثاثو آهي پر سڄي سنڌ سان ڇا ٿي رهيو آهي،هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو وڏو سبب پنجاب ۾ پاڻي  چوري ٿيڻ آهي،91ع ٺاهه تحت سنڌ کي پاڻي نه ملي رهيو آهي،ٻيو سبب واهن ۽ شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ آهي،صدر زرداري ڪوشش ڪري واهن کي پڪو ڪرائي،هن چيو ته عمرڪوٽ سميت سڄي سنڌ ۾ آئس،ٺرو،گٽڪو ۽ ٻي منشيات عام آهي،اسان جو نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي،منشيات فروشي خلاف قدم کڻڻ گهرجن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.