اسان وٽ ”پاورڊسٽينس“ تمام شديد رهندو آيو آهي، معني وڏا ماڻهو ننڍن ماڻهن سان نه ٿا ملي سگهن ۽ جيڪي طبقا هڪجهڙي ڪلاس ۾ وسن رسن ٿا، اهي هڪٻئي سان بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ملي سگهن ٿا، انهن جي ملڻ ۽ ڳالهائڻ، اٿڻ ويهڻ تي ڪا به پابندي ناهي هوندي. ان ڪري ”پاور ڊسٽينس“ جو تصور رڳو غريب ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي غريب طبقن ۾ آسري واري زندگي گذارين ٿا. انهن کي اهو آسرو هوندو آهي ته هي جيڪو هاڻي وزير بڻبو آهي، اهو اسان کي ارسا کان پاڻي پورو پورو ڏياريندو، هي هاڻي جيڪو صدر ٿيو آهي اهو اسان کي اين ايف سي ايوارڊ جا پيسا مهل تي پورا پُنا ڏياريندو، هي جيڪو وزير آهي هاڻي هي اسان جي بنيادي سهولتن جي ڳالهه ڪندو، هي وزير هاڻي اسان جي لاءِ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، اسپتالون، روڊ، رستا، روزگار ۽ صنعتون هڻائيندو ۽ ملڪ خوشحال ٿي ويندو. ان ڪري ته ماڻهو جيڪڏهن پنندا ته رياست به پنندي ۽ عام ماڻهو جيڪڏهن خوشحال هوندا ته معني رياست کي ٽيڪس ملندي ۽ رياست به اڏجي ويندي، پر ”پاور ڊسٽينس“ پوءِ به رهندو ايندو، ان ڪري ايشيائي ملڪن ۾ اهو وڏو الميو رهندو ٿو اچي جيڪو گهٽ ۽ جهڪو نه ٿنيدو.
ٻاهرين ملڪن ۾ اها (طاقت واري وٿي) آهي پر ايتري ناهي، ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ بغير ڪنهن پروٽوڪول جي گهمي ڦري سگهن ٿا، وزيراعظم ۽ صدر روڊن تي ۽ سائيڪلن تي گهمندي ڏيکاريندا ويندا آهن، ۽ ڪو به وزير ۽ ڪبير ان ڳالهه جو مجاز ناهي ته ان جي گهر جا ٻاهران ڪو ڪمانڊوز جو جٿو بيٺو هجي، يا اهو اعلي آفيسر ۽ وزير جڏهن روڊن تي اچي ته ٽريفڪ ئي جام ٿي وڃي. معني خاص ماڻهو اهي جيڪي سرڪاري عهدن تي هوندا آهن، اهي جيڪي وزير ۽ امير هوندا آهن، انهن سان عام ماڻهو جو ملڻ مشڪل هوندو آهي. اها هڪڙي ٻي ڳالهه آهي ته ماڻهو حڪومت هتي ڪندا آهن پر مال روڙي ميڙي ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيتون ٺاهنيدا آهن (جيڪو الزام ٽرمپ تي به آهي) اتي ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجا ٻار ٻچا پڙهائيندا آهن ۽ اسان وٽ به انهن جو راڄ هوندو آهي. هتي اهو به روا آهي ته عام مدرسن يا اسڪولن مان پڙهيل لکيل ماڻهن جي دال نه ٿي ڳري، معني اهي وڏين نوڪرين ۾ ناهن ۽ نه ئي ڪنهن ڪمپنيءَ جا سي وي اوز يا پريذيڊنٽ هجن ٿا، پر جيڪو ماڻهو ٻاهرين ملڪن ما پڙهي ٿو اچي اهو هتي راڄ ٿو ڪري. اها به حقيقت آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ انهن جي اميرن ۽ وزيرن کي ڪو خاص پروٽوڪول ناهي هوندو، پر اسان وٽ اهو زبردست مائينڊ سيٽ آهي ته جيڪو وري اهڙو پروٽوڪول نه ٿو رکي ته اهو ڪنهن ڪم جو ناهي. جيڪو رشوت جا مال روڙي ۽ ميڙي مال ملڪيتون ٺاهي پاور ۽ سوشل ڊسٽينس رکي ٿو، اهو ئي ڪنهن ڪم جو آهي يا اثر رسوخ وارو اهو ئي آهي. اسان وٽ حيثيت ۽ سماجي ليول رڳو پيسو آهي، نه ئي ڪنهن جي بزرگي يا وڏپڻو يا عمر جي ڪا حڊ، ان ڪري جيترو پيسو اوتري لئي ۽ عزت.
بهرحال، ماڻهو جڏهن طاقت ۾ ٿو اچي، جڏهن عام ماڻهو مان خاص ماڻهو ٿو ٿئي، تڏهن اهو هڪ “اسپيس“ مينٽين ٿو ڪري، جئين ماضيءَ ۾ (ڀٽي صاحب جي دور ۾) فيڊرل سيڪيورٽي فورس هوندي هئي، پر هاڻي ٻيون ڪمانڊو فورسز هجن ٿيون، جيڪي وزيراعظم، وزيراعلي يا خاص وزيرن ۽ صدرن لاءِ خاص هونديون آهن. اهي حڪمران ڄاڻي ٻجهي پاڻ کي عام ماڻهن کان پري رکندا آهن، انهن کي ڪرسي ملڻ شرط عام ماڻهن مان خطرو هجي ٿو، ان ڪري اهي ڊڄي ڊڄي حڪومت جا چند سال ڪٽي وري ٻاهرين ملڪن ۾ رهائش پزير ٿي ٿا وڃن، جيڪي ووٽن وٺڻ مهل ماڻهن جي وچ ۾ ويهندا آهن، پر پوءِ به اهي ائين گُهلي ملي ناهن رهندا، جئين عام ماڻهو رلي ملي ٿو. مثال ائين به آهي ته عام ماڻهو جيڪي جڏهن پڙهي لکي وڏو ماڻهو يا وڏو گزيٽ آفيسر ٿو ٿئي تڏهن اهو عام ماڻهن سان ملڻ ۾ ڊسٽينس يا اسپيس ٿو رکي، هو جنهن تنهن سان نه ٿو ملي، ٽائيم وٺڻو ٿو پئي، اهڙن ماڻهن سان ملڻ لاءِ جيڪي فورسز ۽ پروٽوڪول ۾ ٿا هلن. اهي هڪ خاص طبقي جا ماڻهو ٿي ٿا وڃن، جنهن سان ملڻ مشڪل يا ناممڪن ٿي پوندو آهي. جيڪي ماڻهن تائين يا عام عوام تائين وڏا ”سيڪيورٽي جا ليئرز“ ٿا رکن. مثال انهن ماڻهن سان ملڻ لاءِ ”ريسيپشن“ (اسقباليي) تي وڃڻو ٿو پوي، اتي پهرين پنهنجو نالو لکراڻو ٿو پوي، ويٽنگ ايريا ۾ ويهڻو ٿو پوي وغيره وغيره. وري جيڪي ڪنهن وزير يا صدر جي ڪرسي تي ٿا ويهن، تڏهن عام ماڻهو صرف انهن کي صرف ٽي وي تي ڏسي يا ريڊيو تي ٻڌي ٿا سگهن، اخبارن ۾ پڙهي ٿا سگهن، يا اهي عام ۽ غريب ماڻهو پوءِ رڳو انهن جي وڏين گاڏين جي پويان ڊُڪي ڊوڙي ٿا سگهن، باقي انهن جي ڪم ڪارين جي پورائي کان ڳالهه چڙهيل هوندي آهي، پوءِ اهي اعلي آفيسر، وزير ۽ امير عام ڀلائي جا ڪهڙا ڪم ڪندا، پوءِ اهي آسرا آسرا ئي رهجي ٿا وڃن. ان ڪري ته ماڻهن سان ملن ته خبر پوي، ڀٽي صاحب جي دور ۾ هر شهر ۾ عام بيٺڪ لڳندي هئي، ڀٽو صاحب غريب ماڻهن کان انهن جا مسئلا پڇندو هيو، پڙهيل لکيل ماڻهو درخواستون کڻي ويهندا هيا ۽ انهن جي ڏنل درخواستن تي عمل به ٿيندو هيو، پر هاڻي ائين ناهي.
وري ائين ته سياست اڻٽر آهي، سياست کي جي ماڻهو ٽاري يا ڪجهه به نه سمجهي ته پوءِ اها سياست ڪير ڪري؟ يا ڪير ته ڪري؟ جي اسان نه ٿا ڪيون ته اسان جي مٿان ڪير به اچي اها سياست ڪندو، ماڻهن جي اندر جي به هڪ سڪت ٿئي ٿي، معني جيڪي ماڻهو اهو ڀُتو ڀائن ٿا ته اهي ماڻهن جي اڳواڻي ڪري سگهن ٿا ته پوءِ بي ڌڙڪ ڪن ٿا، ڇو ته ماڻهن جي ليڊر ٿيڻ ۾ انهن جي پنهنجن ماڻهن جو جياپو هوندو آهي ته پوءِ اهي سيياست ضرور ڪن. انهن جي اندر جي اڳواڻيءَ واري طاقت انهن کي جتي پنهنجي ملڪ ۾ پذيرائي ڏيندي، اتي هلي هلي ٻين ملڪن جو به رهبر ۽ اڳواڻ ثابت ڪندي. ماڻهو ته ھاڻي ڪو ان انتظار ۾ ٿورئي آهن ته انهن جي لاءِ ڪا آسماني مخلوق ايندي، جيڪا انهن جي لاءِ اهي قانون جوڙي ڏيندي، اسان جي سياسي رهنمائي ڪندي، اسان جي سورن جو سامان آڻيندي. پر اسان ته پاڻ ئي آهيون جيڪي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ آهيون. اسان کي اهڙي سياست ڪري دنيا جي مادي ضرورتن جو پورائو ڪرڻو پوندو. مثال جنگين ۾ جڏهن اسان تلوارن کان توپن ۽ هاڻي ”بايولاجيڪل وارز“ جي ڳالهه ٿا ڪيون معني ملڪن تي وائرس جا حملا ڪرڻ ممڪن آهن. ماڻهن کي جيڪڏهن ”ڊي گلوبلائيزيشن“ جي ڪري پنهنجن ئي ملڪن ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويو ته پوءِ اها ئي اڳواڻي ۽ سياست ئي هوندي جيڪا انهن کي جيئڻ جا سامان مهيا ڪندي، اسان جي ملڪن جي حڪمراني هلائڻ وارا اهي ئي سياستدان هوندا جيڪي پنهنجن ملڪن جا گاڏا گيڙيندا، ان ڪري طبقات، سياست ۽ معاشري کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.