اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن کي 9 مئي واقعن ۾ ملوث 85 جوابدارن جا فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، آئيني بينچ قرار ڏنو ته فوجي عدالتن جا فيصلا سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس جي فيصلي سان مشروط هوندا.فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ ڪئي، جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته پهريان دليل ڏيو ته آرمي ايڪٽ جون ڪالعدم شقون آئين مطابق آهن؟ ڇا آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري هر فرد کي ان جي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو؟ بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ غلطيون آهن، جنهن تي جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته عدالتي فيصلي کي خراب نه چيو وڃي، جنهن تي خواجا حارث معافي وٺان ٿو، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اسان ڪالهه به 9 مئي جي واقعن جا تفصيل طلب ڪيا هئا. هن وقت اسان جي سامهون صرف ڪور ڪمانڊر هائوس جو معاملو آهي. جيڪڏهن ڪيس کي رڳو ڪور ڪمانڊر هائوس تائين رکڻو آهي ته پوءِ اهو به ذڪر ڪيو وڃي. جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏيندي چيو ته جن شقن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي ان جو ڇا ٿيندو؟ 9 مئي کان اڳ به، ڪنهن کي انهن شقن تحت سزا ڏني وئي هوندي.خواجا حارث چيو ته عام طور تي ڪالعدم قرار ڏيڻ کان اڳ لاڳاپيل شقن تي ڪيل فيصلن کي تحفظ ڏنو ويندو آهي، جنهن تي جسٽس مسرت هلالي چيو ته اهو جوابدارن سان تعصب ڪرڻ واري ڳالهه آهي، جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته فوج ۾ ڪير به زوري نه پر پنهنجي مرضي سان شامل ٿيندو آهي، فوج ۾ شامل ٿيڻ وارو شخص ڄاڻي ٿو ته ان تي آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو، آرمي ايڪٽ تحت بنيادي حق حاصل نه آهن. آرمي ايڪٽ فوج جي ملازمت ۽ نظم و ضبط کي منظم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي.بچاءَ واري وزارت جي وڪيل چيو ته فوج ۾ ڪو به ڪم ڏوهه جي نيت سان ناهي ڪيو ويندو، بنيادي حق تڏهن ئي ختم ٿين ٿا جڏهن ڪو ڏوهه ڪيو وڃي.جسٽس جمال خان مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالت رڳو اپيل ڪندڙ جي اپيل تائين محدود رهندي؟ ڇا عدالت فيصلي جي ٻين پهلوئن جو جائزو وٺي سگھي ٿي؟ جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏيندي چيو ته ڌريون پنهنجي اعتراضن تائين محدود ٿي سگهن ٿيون، عدالت نه. بعد ۾ آئيني بينچ فوجي عدالتن کي 85 جوابدارن تي فيصلو ٻڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت چيو ته فوجي عدالتن جا فيصلا سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس جي فيصلي سان مشروط هوندا.آئيني بئنچ چيو ته جيڪي ملزم پنهنجي سزا ۾ رعايت حاصل ڪري سگهن ٿا، انهن کي رعايت سان آزاد ڪيو وڃي، جن جوابدارن کي آزاد نٿو ڪري سگهجي، انهن کي سزا ملڻ بعد جيل منتقل ڪيو وڃي، جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏنا ته فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جو ٽرائل جنوري ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، 26 هين ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي جنوري جي ٻئي هفتي ۾ ٿيندي، اسان وٽ 26هين آئيني ترميم سميت ڪيترائي ڪيس پائيپ لائين ۾ آهن، ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل اعتزاز احسن پنهنجي دليلن ۾ چيو ته فوجي عدالتن ۾ سزائن جي حتمي منظوري آرمي چيف ڏيندو آهي. جنهن شخص ڪيس جي ٻڌڻي ئي نه ڪئي آهي، اهو حتمي منظوري ڪيئن ڏئي سگهي ٿو؟ جسٽس امين الدين خان چيو ته اوهان جو سوال ٻڌو آهي، هو پنهنجي دليلن ۾ ان جي وضاحت ڪندو. جنهن تي اعتزاز احسن چيو ته فوج جي حراست هيٺ ماڻهن ڪافي وقت گذاريو آهي، انهن جوابدارن کي هاڻي سول عدالتن ۾ منتقل ڪيو وڃي.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سول عدالتن کي جوابدارن جي منتقلي لاءِ سزائون ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي. سزا ٻڌائڻ بعد جوابدارن کي ٻين عدالتن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي ٿو. 103 مان 20 ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو ۽ 2 وڌيڪ شامل ٿيا. هن وقت 85 ماڻهو فوج جي حراست ۾ آهن.آئيني بئنچ پنهنجي حڪم ۾ چيو ته فوجي عدالتن پاران ڏنل سزائن خلاف هاءِ ڪورٽن ۾ اپيل جو حق انٽرا ڪورٽ اپيلن جو فيصلو اچڻ تائين معطل رهندو، هاءِ ڪورٽن ۾ اپيلن جو مدو حتمي فيصلي کانپوءِ ئي شروع ٿيندو، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي سياري جي موڪلن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.