اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه، رولز ڪميٽي جي چيئرمين جسٽس جمال خان مندوخيل کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم ججن جي مقرري بابت اختيارن جي توازن کي بگاڙي ڇڏيو ۽ ايگزيڪيوٽو کي اڪثريت فراهم ڪئي آهي، جنهن سان عدليه ۾ سياسي ڀرتين جو خطرو وڌي ويو آهي، خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته آئيني عدالتن ۾ ججن جي مقرري لاءِ ضابطا ٺاهڻ تمام ضروري آهي، ججن جي مقرري لاءِ ضابطا ٺاهڻ عدليه جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ اڻٽر آهن، هن لکيو ته آئين جو آرٽيڪل 175 اي جڊيشل ڪميشن کي ضابطا ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ٿو، ڪميشن جي ضابطن ۾ ججن جي مقرري لاءِ ضابطا ٺاهڻ به شامل آهن، ضابطن کانسواءِ ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جا قدم غير آئيني هوندا، جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ ججن جي مقرري جو اختيار هميشه عدليه وٽ رهيو آهي، 26هين آئيني ترميم ججن جي مقرري بابت اختيارن جو توازن بگاڙي ڇڏيو آهي، 26هين آئيني ترميم جوڊيشل ڪميشن ۾ ايگزيڪيوٽو کي اڪثريت فراهم ڪئي آهي، جڊيشل ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ سان عدليه ۾ سياسي ڀرتين جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، هن چيو ته غير شفاف مقررين سان عدليه تي عوام جو اعتماد متاثر ٿيندو، ضابطن کانسواءِ مقررين سان عدليه جي آزادي به متاثر ٿيندي، ججن جي مقرري سياسي سببن بدران مضبوط دليلن جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، اسان کي غور ويچار کانپوءِ ضابطا ٺاهڻ گهرجن.اهڙا قاعدا ٺاهڻ گهرجن جن سان عدليه جي آزادي ۽ ميرٽ تي ججن جي مقرري کي يقيني بڻائين، رولز ٺاهڻ واري ڪميٽي قانون تي عمل ڪندڙ ججن جي مقرري کي يقيني بڻائي.واضح رهي ته گذريل هفتي جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان ججن جي مقرري لاءِ ضابطا اخلاق تيار ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي هئي.