”اعتراضن سان ثابت ٿيو ته اصل مقصد مدرسن کي فيٽف حوالي ڪرڻ آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ ف جي اڳواڻ حافظ حمد الله چيو آهي مدرسا رجسٽريشن بل تي صدر جي اعتراضن سان ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچي وئي آهي.
هڪ بيان ۾ حافظ حمد الله چيو ته اعتراضن سان ثابت ٿيو ته اصل مقصد مدرسن کي فيٽف جي چوڻ تي فيٽف حوالي ڪرڻ آهي، اهو به ثابت ٿي ويو ته پارليامينٽ پاڪستان جي نه فيٽف جي آهي.
هن چيو قوم تي واضح ٿي ويو ته اسلامي جمهوريا پاڪستان جي پارليامينٽ قانون سازي ۾ آزاد ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.