ڪنڌ ڪوٽ/تنگواڻي (نمائندن وٽان )ڪنڌڪوٽ سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران مانجھي پل کان ڪنڌ ڪوٽ پريس ڪلب تائين بيداري مارچ ڪيو ويو، 15 ڪلوميٽر تائين مارچ ڪري پريس ڪلب پھچڻ بعد اڳواڻن دلمراد ڏاھاڻي،ظريت ساگر بجاراڻي.عزيز سومرو.شاھنواز مرھيٽو. نورخان سبزوئي ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه سنڌين جي ملڪيت آهي جنهن تي ڪينال ڪڍڻ سنڌ سان دشمني آهي، وفاق سنڌ دشمني جا منصوبا فوري بند ڪري اڳ ۾ به سنڌ کي حصي جي پاڻي مان گھٽ ملي ٿو ھاڻي به سنڌ جي زمينن کي بنجر ڪرڻ جي سازش ٿي رھي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي سنڌو درياهه سان سازشون بند ڪيون وڃن، ھي پوري سنڌ ۽ سنڌين جو مطالبو آهي ته ڪينال نامنظور آهن ڪينال ٺاھڻ جو منصوبو بند ڪيو وڃي .ٻئي پاسي ڪنڌ ڪوٽ سنڌو درياهه بچايو سنڌو تي ڌاڙيل ڪينال خلاف جسقم جساف پاران آفيس رسالدار روڊ کان وٺي پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھرين جي اڳواڻي جسقم ضلعي صدر والي ڏنو سبزوئي، جسقم گھوٽڪي جو صدر فقير رمضان ڪلوڙ ۽ ٻين ڪئي ، انھي دوران احتجاجي ريلي ۽ ميڊيا سان ڳالھيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ دشمن منصوبا ڪنهن به ريت قبول ناهن.
-
سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سڪائڻ جي سازش آهي، حيدرآباد ۾ ايس يو پي پاران بيداري مارچ
حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف حيدرآباد ۾ نسيم نگر چوڪ کان حسين آباد چوڪ تائين بيداري مارچ ڪيو ويو. بيداري مارچ علي پيلس، مين قاسم آباد روڊ، شهيد هوشو شيدي فلاءِ اوور کان ٿيندو حسين آباد چوڪ پهتو. مارچ ۾ شامل قومپرست ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا هئا ۽ هو سنڌو درياهه مان ڪئنالن ڪڍڻ خلاف سخت نعريبازي به ڪندا رهيا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو، ڊاڪٽر بدر چنا ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي اڏاوت سنڌ سڪائڻ جي سازش آهي. جيڪا سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا. حڪمران ڏاڍ جي ذريعي سنڌوء تي ڪئنال ۽ ڊيم اڏي رهيا آهن. اڳ ئي سنڌ ۾ پاڻي موجود ڪونهي ۽ سنڌ کي 1991ع واري ٺاهه مطابق پاڻي نٿو ملي. جيڪڏهن 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ته پاڻي سکر بئراج تائين به نه پهچندو. هنن چيو ته ايس يو پي سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف احتجاج جو سلسلو جاري رکيو آهي. قاسم آباد ۾ ريلي ڪڍڻ جو مقصد ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن سنڌ جا سمورا ماڻهو متحد ٿي سنڌو درياهه تي ڊيمن ۽ ڪئنالن جي اڏاوت ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ڀرپور احتجاج ڪن ۽ حڪمرانن کي ٻڌائين ته سنڌو تي ڪئنالن جي اڏاوت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هو پنهنجي هوڏ تان لهي وڃن ۽ سنڌو درياهه سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه ئي سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي.