اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ 26 نومبر تي احتجاج دوران گاڏي جي ٽڪر ۾ رينجرز اهلڪارن جي شهادت جو ڪيس پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس وفاقي راڄڌاني جي ٿاڻي رمنا ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سمورن واقعن جي منصوبابندي اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ ڪئي وئي هئي، ڪيس جي ايف آءِ آر اعليٰ اختيارين جي حڪم تي سيل ڪئي وئي هئي، ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته رينجرز اهلڪارن جو واقعو پي ٽي آءِ جي باني جي حڪم تي ٿيو، پلان پي ٽي آءِ اڳواڻن ٺاهيو هو جيڪي مختلف وقتن تي جيل ۾ ملاقات لاءِ ويندا هئا، سندن مقصدن سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ هو.