مائنس عمران ڳالهين کان انڪار، عدالتي ڪميشن نه جڙي ته سول نافرماني تحريڪ هلندي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد (م ڊ) صاحبزاده حامد رضا چيو ته ڳالهيون برابري جي بنياد تي ٿينديون، حڪومت مائنس پي ٽي آءِ جي بنياد تي ڪنهن به قسم جي ڳالهين جي سوچ کي ذهن مان ڪڍي ڇڏي. اسد قيصر ۽ عمر ايوب سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان پنهنجا گهر، خاندان ۽ ڪاروبار تباهه ڪري ڇڏيا، هاڻي اسان کي ڪهڙو خوف آهي جو مجبور ٿي وينداسين. هن چيو ته اسان هاڪاري استحڪام لاءِ ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، پنهنجي شهيد ڪارڪنن جي قربانين کي نه وسارينداسين، پنجاب ۾ هن وقت سول مارشل لا لاڳو آهي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ عمر ايوب چيو ته ڳالهين لاءِ اسان جو ٻيو شرط 9 مئي جي واقعن تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ آهي. جيڪڏهن اسان جا شرط نه مڃيا ويا ته سول نافرماني جي تحريڪ هلائي ويندي. ان موقعي تي اسد قيصر جو چوڻ هو ته اسان ڳالهين جي خيرات نٿا گهرون، شهباز شريف چوندو هو ته هو چارٽر آف اڪانامي چاهي ٿو.  هوڏانهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراضن تي نڪتي تي ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ۾ ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿيون، اياز صادق وٽ فاتحه خواني لاءِ ويو هئس. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ ڪميٽي ضروري ٺاهي آهي پر ڳالهه تڏهن ئي شروع ٿي سگهي ٿي، جڏهن حڪومت سنجيدگي ڏيکاري، ان ۾ اڳڀرائي باني پي ٽي آءِ جي هدايتن موجب ئي ٿيندي. سندس چوڻ هو ته حڪومت کي هن سوال جو جواب ڏيڻ کپي ته 26 نومبر تي گولي ڇو هلائي وئي؟ ڪهڙي قانون تحت بي ڏوهه شهرين تي گوليون هلايون ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.