اسلام آباد(منيب فاروق) گزريل ڏينھن سپريم ڪورٽ 9 مئي جي 85 ڏوھارين جي حوالي سان فوجي ڪورٽن کي فيصلو ٻڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي جنھن جا ملڪي سياسي صورتحال تي پري تائين اثر ويندا ھاڻي ڏسڻو پوندو تھ انھن ۾ صرف جناح ھائوس تي ھلان ڪندڙ آھن يا جي ايڇ ڪيو تي حملي وارا بھ شامل آھن کين ڪھڙيون ڪھڙيون سزائون اچن ٿيون.سپريم ڪورٽ اھو بھ چيو آھي تھ اھي مشروطھ ھوندا ان ٻڌڻِي سان جيڪا سپريم ڪورٽ ۾ ھلي رھي آھي. سوال اھو آھي تھ جنھن بنياد تي ٽرائل ٿي رھيو آھي انھن شقن کي بھ سپريم ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آھي تھ پوءِ انھن فيصلن جي اھميت ڇا ھوندي؟اھا بي تڪي ڳالھ ھوندي تھ اڳتي ھلي اگر فوجي ڪورٽن ۾ سولين ٽرائل جي اجازت نھ ڏني وئي تھ جن کي سزا ايندي تھ انھن جو ڇا ٿيندو؟ پر گزريل ڌينھن جو فيصلو اندازو ڏياري ٿو تھ شايد مخصوص حالتن ۾ سپريم ڪورٽ فوجي ڪورٽن۾ سويلين جي ملٽري ٽرائل جي اجازت ڏئي ڇڏيندي ۽ اگر انھن جي سزا ٿي وئي تھ پوءِ اھو ھ ڪ مثال بڻجندو پوءِ پي ٽي آئي ۽ باني پي ٽِي آئي تائين ڳالھ ويندي.. سو ڇا عدالت پنھنجي فيصلي ۾ آرمي ايڪٽ جي ڪالعدم قرار ڏنل شقن کي ٻيھر جياريندي ۽ اگر اھو فيصلو اچي ويو تھ پوءِ تحريڪ انصاف جو حشر ڇا ٿيندو سو ھي مثال بڻجندو تھ خصوصي حالتن ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل ٿي سگھندو. ان دوران سپريم ڪورٽ ڪجھ دلچسپ سوال ڪيا آھن.
جئين آرمي ايڪٽ موجودھ آئين کان اڳ جو ٺھيل آھي ، عدالت جن شقن کي ڪالعدم قرار ڏنو آھي انھن ۾ ڇا آھي خواجھ حارث جي ڳالھ تي عدالت چيو تھ عدالت جي فيصلي کي ايترو بي توقير نھ بڻايو. ٻئي پاسي عمران خان چو ي ٿو تھ اسلام آباد۾ قتل عام جڙيانوالا باغ واري قتل عام وانگر آھي جنھن کي اسان نھ وسارينداسي، ان قتل عام جا ثبوت گڏ ڪري رھيا آھيون .15 ڊسمبر تي شھداءِ اسلام آباد جي قتل عام تي سوڳ ملھايو وڃي اسان وٽ سول نافرماني کان سواءِ ڪو به رستو ناھي بچيو،جڊيشل ڪميشن نھ بڻيو تھ پوءِ سول نافرماني تحريڪ وسيلي ماڻھنکي ترسيلات زر روڪڻ جو چيو ويندو.