سي پيڪ ۽ سيڪيورٽي اهلڪار دهشت گردن جو نشانو بڻيا: گهرو وزارت

اسلام آباد(م ڊ) گهرو وزير محسن نقوي هلندڙ سال دهشتگردي جي واقعن بابت رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي .   جنهن موجب دهشتگردن فوجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ آفيسرن سان گڏوگڏ سيڪيورٽي تنصيبات ۽ اهم انفراسٽرڪچر تي حملو ڪيو. رپورٽ ۾ هن چيو ته ”دهشتگرد گروپ“ سي پيڪ لاءِ وڏو خطرو آهن.  جنوري کان آڪٽوبر 2024 تائين سڄي پاڪستان ۾ دهشتگردي جا 1566 واقعا ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حملن ۾ 563 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 924 ماڻهو مارجي ويا. خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبا آهن. گهرو وزير پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي وڌڻ جا 6 سبب به ٻڌايا. اسلام آباد – پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ’سي پيڪ‘ منصوبو ۽ سيڪيورٽي اهلڪار هن سال دهشتگردن جو بنيادي نشانو رهيا آهن. گهرو وزير پاران پيش ڪيل رپورٽ موجب بلوچستان ۾ ان عرصي دوران دهشتگردي جا 582 واقعا ٿيا جن ۾ 307 ڄڻا مارجي ويا. انهن ۾ 110 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ 197 شهري شامل آهن. ان عرصي دوران سنڌ صوبي ۾ دهشتگردي جي 24 واقعن ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 38 زخمي ٿيا. پنجاب صوبي ۾ دهشتگردي جي 10 واقعن ۾ 16 ڄڻا مارجي ويا ۽ 63 زخمي ٿي پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.