سپريم جڊيشل ڪائونسل پاران ججن خلاف 35 مان 30 شڪايتون رد

اسلام آباد(م ڊ) سپريم جڊيشل ڪائونسل ججن خلاف 35 مان 30 شڪايتون رد ڪري ڇڏيون، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي  جي صدارت هيٺ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق، چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جسٽس هاشم ڪاڪڙ شرڪت ڪئي، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس دوران آرٽيڪل 209، 8 تحت ججز جي ضابطه اخلاق ۾ ترميم ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل پروسيجر آف انڪوائري 2005 ۾ ترميمن تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن بعد ضابطا اخلاق ۽ انڪوائري جي طريقيڪار ۾ ترميم جي سفارش لاءِ جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، اجلاس دوران آرٽيڪل 209 تحت ججن خلاف 35 شڪايتن جو جائزو ورتو ويو ۽ 30 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو، جڏهن ته 5 شڪايتن تي تبصرا طلب ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.