ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ ) ميرپور ماٿيلو جي آرڏي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دھشتگردي انت واري عدالت ميرپور ماٿيلو ۾ ٿي گذري جوابدار اصغر لنڊ کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو جڏهن ته جوابدار عبدالله لنڊ به پيش ڪيو ويو ۽ شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جو ڀاءُ يعقوب گڏاڻي پڻ عدالت ۾ پيش ٿيو فريادي ڌر جو وڪيل موڪل تي ھجڻ سبب عدالت ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ان موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شھيد صحافي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيل آهي اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آھي.