شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جو فيصلو 20 ڊسمبر تي ٻڌايو ويندو

سکر(بيورو رپورٽ ) 11 سالن بعد شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس مڪمل، عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو،  20 ڊسمبر تي فيصلو ٻڌايو ويندو ، عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو ان سلسلي ۾ سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻئي ڏينهن به جي يو آءِ اڳواڻ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ فريادي ڌر جي وڪيل اطهر عباس سولنگي جو بيان مڪمل ڪري ورتو گذريل ڏينهن جوابدار ڌر جي وڪيل ۽ پراسيڪيوٽر جا بيان قلمبند ڪيا ويا۔سکر جي اي ٽي سي ڪورٽ جي جج عبدالرحمان قاضي سينٽرل جيل ۾  ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت ۾ فريادي ڌر پاران مولانا راشد محمود سومرو، مولانا ناصر محمود سومرو، وڪيل اطهر عباس سولنگي ،وڪيل مشهود مصطفي سولنگي، مفتي سعود افضل هاليجوي مولانا محمد صالح انڍڙ، حافظ عبدالحڪيم مهر ۽ پراسيڪيوٽر عبدالحليم قريشي ۽ ٻيا پيش ٿيا جڏهن ته جوابدار ڌر جو وڪيل مرتضي شاهه پيش ٿيو ۽ گرفتار 6 ئي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ۾ فريادي ڌر جي وڪيل اطهر عباس سولنگي پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ياد رهي ته جي يو آءِ  اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود قتل ڪيس11 سالن ۾ 450 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿيون، 17 کان وڌيڪ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، عدالت ٻاهران شھيد جي وارثن علامه راشد محمود سومرو، ناصر محمود سومرو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته عدالت مان انصاف جي اميد آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.