ڪراچي (رپورٽر)پاڪستان رينجرز (سنڌ) پاران اسٽرِيٽ ڪرمنلز خلاف آپريشن جو سلسلو جاري آهي. رينجرز خفيه اطلاع تي ڪارروائي ڪندي لياري جي علائقي بغدادي مان اسٽرِيٽ ڪرائيم ڦر جي وارداتن ۾ ملوث گروهه جي 6 ڏوهارين اعظم، فيض محمد، محمد اسماعيل، ذاڪر علي، حبيب الله عرف بابا ۽ ارشد کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان موجب گرفتار ٿيل ڏوهارين جي قبضي مان 12 بور شاٽ گن (رپيٽر) به هٿ آئي آهي.