ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بورڊ آف روينيو کي رڪارڊ آف رائيٽس کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ڪنهن به ڳاڙهي نشان واري شڪي داخلا کي شفاف عمل ذريعي واضع ڪيو وڃي ان سان اها ڳالهه يقيني بڻائيندي ته حقدار مالڪن کي سندن قانوني حق ملي ويا آهن. هن اها ڳالهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ بورڊ آف روينيو جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ رڪارڊ آف رائٽس کي ٻيهر لکڻ ۽ شڪي داخلائن جو مسئلو حل ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو باقي الله انڙ، ميمبر بورڊ آف اي پي غلام عباس نائچ، اسپيشل سيڪريٽري جي اي زمان ناريجو، پي ڊي لارمز سيف الله ابڙو شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته بورڊ آف روينيو 2019ع ۾ رڪارڊ آف رائيٽس ۾ 9 لک 46 هزار داخلائن کي بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته رڪارڊ آف رائيٽس هڪ قانوني دستاويز آهي ۽ متاثر ڌرين کي اڳواٽ ٻڌڻ کانسواءِ ڪنهن به داخلا کي رجسٽر ٿيل شڪي قرار ڏيڻ جو ڪوبه قانوني بنياد ناهي، وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته پنج لک جي لڳ ڀڳ داخلائن کي ڳاڙهي نشانن سان سڃاڻڻ سبب مالڪن لاءِ مسئلا پيدا ٿيا آهن ۽ ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته مان نٿو چاهيان ته ملڪيت جا حقدار تپيدارن، مختيارڪارن ۽ سمورن رجسٽرار جي رحم ڪرم تي هجن. هن بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته هو هڪ ماڊل ڊجيٽل فارم تيار ڪري طريقيڪار کي منظم ڪري ۽ ان جي منظوري وٺڻ کانپوءِ صوبي جي ٻن نامزد ڳوٺن جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جو ڪم شروع ڪري. وڏي وزير بورڊ آف روينيو کي گذارش ڪئي ته کيس ٻن ڳوٺن جا نالا فراهم ڪيا وڃن هڪ ڪراچي مان ۽ ٻيو ٻهراڙيءَ واري علائقي مان ته جيئن ماڊل ڳوٺن طور رڪارڊ آف رائيٽس کي ٻيهر لکيو وڃي. رڪارڊ جي ٻيهر لکڻ بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي رائيٽس آف رڪارڊ جو هر 30 سالن کانپوءِ جائزو ورتو ويندو آهي يا ٻيهر لکيو ويندو آهي. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ٻڌايو ته آخري ترميم 1985ع ۾ ڪئي وئي هئي، پنجاب هر چئن سالن کانپوءِ پنهنجي رڪارڊ ۾ ترميم ڪندو آهي جڏهن ته ڀارت جي ڪرناٽڪا ۽ مهاراشٽرا ۾ هر ڏهن سالن بعد پنهنجا رڪارڊ تي نظرثاني ڪئي ويندي آهي. مراد شاهه ان ڳالهه تي زور ڏنو ته رڪارڊ اپ ڊيٽ ڪرڻ جو مقصد مالڪن جا حق محفوظ ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ، اي-رجسٽريشن ڪرڻ ۽ آن لائن خدمتون فراهم ڪرڻ آهي. حقن جي رڪارڊ بابت بنيادي قانوني شقون سنڌ لينڊ روينيو ايڪٽ 1967 ۾ بيان ڪيون ويون آهن جنهن ۾ سيڪشن 39 شامل آهي جيڪو بيان ڪري ٿو ته انهن دستاويزن کي رائيٽس آف رڪارڊ ۾ شامل ڪيو وڃي. سيڪشن 42 ميوٽيشن رجسٽر ۾ داخل ٿيڻ جي طريقيڪار جو تفصيل ڏئي ٿو. سيڪشن 40 بورڊ آف روينيو کي اختيار ڏئي ٿو ته نوٽيفڪيشن جاري ڪري هڪ اهڙو رڪارڊ ٺاهيو جتي ڪوبه موجود نه هجي يا ضرورت موجب رائيٽس آف رڪارڊ تي نظرثاني ڪئي وڃي. جيتري قدر رائيٽس آف رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جو تعلق آهي ته وڏي وزير چيو ته وي ايف تي ڌيان ڏنو وڃي وي ايف-I زرعي زمينن لاءِ ۽ VF-II غير زرعي زمين لاءِ، 6090 ديهن ۾ نئين مالڪن جي داخلائن کي ظاهر ڪري ٿو. ميمبر بورڊ آف روينيو غلام عباس وڏي وزير کي ٻڌايو ته بورڊ ڊجيٽائيزيشن جي عمل جي حوالي سان ٻن ڪمپنين سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون آهن. هر ڪمپني هڪ ٽائم لائن پيش ڪئي جنهن کي سافٽ ويئر ٺاهڻ لاءِ چار مهينا ۽ پائلٽ کي لاڳو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ چار کان پنج مهينا گهربل هئا. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو ذاتي طور تي رڪارڊ آف رائيٽس جي ڊجيٽلائيزيشن جي نگراني ڪري. هن هدايت ڪئي ته مان چاهيان ٿو ته اهو ڪم شروع ڪرڻ لاءِ توهان هڪ ديهه ڪراچي مان ۽ ٻيو ديهه ڪنهن ٻئي ضلعي مان چونڊيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ڀيرو ابتدائي قدم اطمينان بخش هوندا ته وڌيڪ ديهن تي ڌيان ڏئي سگهجي ٿو. وڏي وزير سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل آءِ ٽي ڪمپني جي رائيٽس آف رڪارڊ کي ٻيهر لکڻ جي ذميواري چيف سيڪريٽري کي سونپيندي چيو ته اها سندس پهرين ذميواري هوندي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته لينڊ روينيو ايڪٽ ۾ ترميم جي تجويز کي سادي طريقي سان پيش ڪيو وڃي.