سي پي معاهدن تي نظرثاني کان انڪار، پاڪستان لاءِ قرض رد

اسلام آباد (م ڊ) عالمي بئنڪ پاران پاڪستان کي ملندڙ 500 ملين ڊالرن جو قرض رد ڪري ڇڏيو، بجيٽ سپورٽ قرض ان بنياد تي منسوخ ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) پاور پرچيز معاهدن تي نظرثاني سميت ڪجهه اهم شرطن تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، .جڏهن ته عالمي بئنڪ ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال منصوبي لاءِ 24 ڪروڙ ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، رقم ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج پروجيڪٽ 2 تي خرچ ٿيندي، منصوبي تحت ڪراچي جي شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪيو ويندو ۽ شهر ۾ پاڻي جي نيڪال جو نظام بهتر ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.