اسلام آباد (معظم فخر) تازي خبر موجب جنرل فيض حميد وڏا انڪشاف ڪيا آھن، جن سان عمران ۽ فيض جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ بلڪل پڌرو ويو آھي. ھن پنھنجي ويجھن حلقن ذريعي ھي پيغام ڏنو آھي ته سندس عمران خان سان ڪو به خاص لاڳاپو نه ھيو. جيڪي به رابطا ھئا، سي ذاتي نوعيت جا ھئا، ۽ ڊيوٽي دوران ھن ڪڏهن به عمران خان کي ڪو فائدو ناھي ڏنو. فيض چيو آھي ته سندس 50 کن سياسي شخصيتن سان دوستاڻا ناتا آھن، پر ان جو مطلب اھو ناھي ته انھن کي سياسي فائدو ڏياريان. جڏهن ته ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ لاءِ عمران خان کان درخواستون ڪندو رھيو، ۽ ڪي پي ۽ پنجاب ۾ ان تي عمل ٿيو. ھڪ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عھدي بعد اھڙيون درخواستون ڪرڻ، جھڙوڪ فلاڻي کي سينيٽر بڻائڻ يا ٽڪيٽ جاري ڪرڻ، ھن نيڪسس جو واضح ثبوت آھي. اھا وضاحت فيض حميد لاءِ اڳتي ھلي ڦندو بڻجي سگھي ٿي، ڇو ته آرمي ايڪٽ تحت اعليٰ عھدن تي رھندڙ عملدارن لاءِ لازم آھي ته اھي رٽائرمينٽ بعد پنجن ورھين تائين سياسي سرگرمين کان پاسو ڪن.فيض حميد تي الزام آھي ته ھن چونڊن لاءِ ٽڪيٽون جاري ڪرايون، ۽ 8 فيبروري لاءِ پي ٽي آءِ جي قومي ۽ صوبائي اميدوارن کي چونڊ ڪيو. عمران خان کي پڻ خبر آھي ته 9 مئي جي معاملن جي جاچ جو اثر سڌو سنئون يا اڻسڌو ان تي پوندو. ھاڻي عمران چوي ٿو ته جيڪڏهن 9 مئي بابت فيض کان جاچ ٿئي ٿي، ته پوءِ جنرل باجوا کان به ٿيڻ گھرجي. ٻئي پاسي، ڊاڪٽر شهلا رضا جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته فيض حميد ڊگھي عرصي تائين حڪمراني جو خواهشمند ھيو. ان مقصد لاءِ ھن ٻين سياسي اڳواڻن سميت آصف زرداري سان رابطا ڪيا، ۽ آرمي چيف بڻجڻ جي بدلي ڊگھي حڪمراني جو منصوبو پيش ڪيو. هن صدر زرداري کي چيو ته توهان کي جيڪو پوليٽيڪل گرائونڊ گهرجي اهو توهان کي ڏينداسين، توهان چاهيو ته عمران خان جو پتو به صاف ڪنداسين. ان دٻاءَ جي ڪري پي ٽي آءِ ڳالهين تي راضي ٿي آهي پر عمران خان کي اها ڳالهه ن ٿي وڻي. ٻئي پاسي، حڪومت ھن موقعي کي پي ٽي آءِ کي ڪناري لڳائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. حڪومت طرفان گهر ڪئي وئي آهي ته سول نافرماني جو سڏ واپس ورتو وڃي پر عمران خان اھا ڪال واپس وٺڻ تي راضي ناھي. ان صورتحال جي ڪري ٻنهي ڌرين ۾ ڊيڊ لاڪ پيدا ٿي ويو آھي.فيض حميد جي هٿ لکيل نوٽ، جيڪو ھڪ خاص احتجاج بابت آهي، اهو حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ وٽ موجود آهي. ان نوٽ ۾ واضح بليوپرنٽ آھي، جنھن ۾ ٻڌايل آھي ته احتجاج دوران فلاڻو شخص فلاڻي هنڌ پهچندو ۽ تحريڪ کي فلاڻي جڳهه تي پھچڻو آھي. ھن نوٽ جي موجودگي سان خبر پوي ٿي ته ان بابت ڪا به غلط بياني ممڪن ناھي.