فيصلن ۾ مونجهارن سبب پي ٽي آءِ کي نقصان پهتو: اپوزيشن اتحاد

اسلام آباد(م ڊ) مخالف ڌر جي اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.اجلاس ۾ سني اتحاد ڪائونسل، پاڪستان تحريڪ انصاف، مجلس وحدت مسلمين، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ذريعن  موجب پي ٽي آءِ سميت سمورين پارٽين اتحاد سان اڳتي وڌڻ ۽ پاڪستان جي آئين جي تحفظ لاءِ هفتي ۾ هڪ ڀيرو مشاورتي عمل شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اجلاس ۾ محمود چڪزئي چيو ته بنا ڪنهن حڪمت عملي ۽ تڪڙ ڪرڻ کان بهتر آهي ته ضلعي سطح تي احتجاج ڪيو وڃي، اڳواڻن جي نرم رويي سان پنهنجو ئي نقصان ٿيو، پي ٽي آءِ قيادت جي فيصلن ۾ ابهام سبب نقصان ٿيو، محمود چڪزئي پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ حڪمت عملي جي کوٽ جي به نشاندهي ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.