اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ 26هين ترميم بابت درخواستن تي ٻڌڻي جنوري جي ٻئي هفتي ۾ ڪرڻ جو اشارو ڏنو. آئيني بئنچ جي سربراهه جسٽس امين الدين چيو ته هو خاص عدالتن بابت ڪيس جو جلد فيصلو ڪرڻ چاهين ٿا، 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي هن ڪيس کانپوءِ ٿيڻ گهرجي. جسٽس امين الدين وڌيڪ چيو ته 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي جنوري جي ٻئي هفتي ۾ ٿيڻ چاهيون ٿا، اسان وٽ 26هين ترميم سميت ڪيترائي ڪيس پائيپ لائين ۾ آهن.