حڪومت کي ڏات ڌڻين جي علاج لاءِ صحت ڪارڊ ۽ ميڊيڪل پينل جي سهولت جو انتظام ڪرڻ گهرجي

جڏهن به ڪوفنون لطيفا سان سلهاڙيل اديب، فنڪار، اداڪار، موسيقار، مصور وغيره يا صحافي بيمار ٿيندا آهن ته حڪومت کي سندن علاج يا مالي سهائتا جي اپيل ڪئي ويندي آهي. عام طور تي ثقافت کاتو ان معاملي کي ڏسندو آهي ۽ پنهنجي بجيٽ آهر ڪڏهن سندن علاج ڪرائيندو آهي ته ڪڏهن ان جي مالي سهائتا ڪندو آهي پر پوءِ به ڪيترائي اديب، فنڪار، اداڪار، مصور، موسيقار علاج  ۽ مالي سهائتا کان رهجي ويندا آهن. ڪڏهن وزيراعظم، وڏو وزير يا  گورنر ذاتي طور به مالي امداد ڪري وٺندا آهن.

ان مسئلي تي اسان ڪافي ايڊيٽوريل به لکي چڪا آهيون ۽ حڪومت کي ان سلسلي ۾ ڪافي تجويزون به ڏيندا رهيا آهيون پر حڪومت ان مسئلي جو ڪو ٺوس حل نه ڪڍي سگهي آهي. تنهن ڪري اهو مسئلو جيئن جو تيئن موجود آهي البت پي ڊي ايم واري حڪومت ۾ وزيراعظم شهباز شريف صحافين جي علاج لاءِ ”صحت ڪارڊ“ جي پاليسي ڏني هئي ۽ ان لاءِ صحافين کان فارم به ڀرائي ورتا هيا پر جيئن ئي اها ڏيڍ سال واري حڪومت ختم ٿي وئي ته اها پاليسي به ختم ڪئي وئي اهي خبرون آيون هيون ته  حڪومت اها پاليسي وري بحال ڪري ٿي پر ان ڏس ۾ ٺوس ڪم يا عمل  نظر نه آيو.

ان سلسلي ۾ اسان جي تجويز آهي ته حڪومت ان پاليسي ۾ يعني صحت ڪارڊ ۾ رڳو صحافين کي نه پر فنون لطيفه سان سلهاڙيل سڀني ڏات ڌڻين کي شامل ڪري ته بهتر آهي. اسان ته خير اها به تجويز ڏيندا رهيا آهيون ته جيئن سرڪاري ۽ ڪن خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن لاءِ ”ميڊيڪل پئنل“ جي  سهولت موجود هوندي آهي تيئن فنون لطيفه  سان سلهاڙيل ڏات ڌڻين لاءِ  به ڪو ادارو قائم ڪرڻ گهرجي جيڪو ڏات ڌڻين کي  ميڊيڪل پئنل ۽ صحت ڪارڊ جي سهولت ڏئي. جيئن ته ان صحت ڪارڊ کي ڏيکاري ڪوبه ڏات ڌڻي  ڪنهن به اسپتال يا ڊاڪٽر وٽان علاج ڪرائي ۽ جيڪڏهن ايڊمٽ ٿئي ته ميڊيڪل پئنل تحت سندس علاج جو خرچ اهو سرڪاري ادارو ڪري. اسان سمجهون ٿا ته ڏات ڌڻين جي علاج ۽ سار سنڀال جو اهو ئي ٺوس طريقو ۽ ان مسئلي جو بهترين حل آهي پر جيڪڏهن حڪومت ان  معاملي ۾ صلاح مصلحت ڪري ان کي اڃا بهتر ڪري سگهي ته اهو به ممڪن آهي.

چوڻ جو مقصد ته حڪومت کي اهڙو انتظام ڪرڻ گهرجي جيئن بيمار ڏات ڌڻين جي علاج يا مالي سهائتا لاءِ اپيل ڪرڻ جو جواز نه رهي. ڏات ڌڻين جي علاج جو اهڙو بندوبست ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهي  بنا چوڻ جي علاج جي سسٽم ۾ شامل ٿي وڃن. هونئن به ڏسجي ته رعيت جو علاج ڪرڻ ڪنهن به رياست ۽ حڪومت جو ڪم هوندو آهي ته اها عوام جو مفت ۾ علاج ڪرائي. هاڻي ڪجهه اسپتالن ۾ غريب غربي جو مفت علاج ٿيڻ لڳو آهي، اميد ڪجي ٿي ته وقت سان اهو علاج سڀني اسپتالن اندر مفت ۾ ٿي ويندو پر دوائون بهرحال خريدڻيون پونديون آهن ۽ دوائون ايڏيون مهانگيون ٿي ويون آهن جو اهي عام ماڻهن جي وس کان مڪمل طور تي ٻاهر ٿي چڪيون آهن.  سو ڏات ڌڻين کي جيڪڏهن دوائون به ميڊيڪل پيئنل جي بل تحت سرڪار ادا ڪري ته اهو بهترين ۽ يادگار عمل سمجهيو ويندو.

سو اسان جو خيال آهي ته حڪومت کي ان سلسلي ۾ سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ته ڇا اهو ممڪن آهي ته ڏات ڌڻين جا وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ادارا قائم ڪيا وڃن ۽ انهن ۾ ڌات ڌڻين کان پنهنجي پنهنجي فن جي سروس يا ڊيوٽي ورتي وڃي ۽ ان عيوض کين صحت ڪارڊ ۽ ميڊيڪل پينل جي پڻ سهولت ڏني وڃي جيئن اهي عزت سان پنهنجو علاج ڪرائي سگهن ۽ پنهنجيون سون جهڙيون املهه زندگيون بچائي سگهن.

بيمار ڏات ڌڻين جي علاج جو سرڪاري سطح تي جوڳو بندوبست نه هئڻ جو نتيجو اهو آهي ته اوهان ڏسندؤ ته اسان جي ملڪ اندر سندن جي موت جي شرح ٻين ملڪن جي ڏات ڌڻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي جنهن کي اسان ته ناقابل برداشت نقصان سمجهون ٿا. حڪومت ايڏو نقصان سمجهي ٿي الائي نه پر جيڪڏهن سمجهي ها ته شايد هن وقت تائين ڏات ڌڻين جي علاج  جو ڪو ٺوس بندوبست ٿي چڪو هجي ها. اسان جو خيال آهي ته ڏات ڌڻين جي علاج لاءِ سنڌ ۽ قومي اسيمبلي ۾ به نمائندن کي آواز اٿارڻ گهرجي ۽ سندن علاج جو بندوبست ڪرائڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته  فنون لطيفه جي شعبي جي هڪ خاص اهميت  آهي. فنون لطيفه وارو شعبو عوام جي جذبن جو ترجمان هوندو آهي ائين جيئن اعليٰ حڪومتي ايوان عوام جي مسئلن جي نمائندگي ڪندا آهن تيئن ئي فنون لطيفه سان سلهاڙِيل ڏات ڌڻي به عوام جي مسئلن ۽ اڌمن  کي پنهنجي فن ذريعي نروار ڪندا آهن يعني سندن ڪم جي نوعيت ڪنهن ريت به چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کان گهٽ ناهي. اڃان به ميمبرن جي ڪارڪردگي کي توربو ته ڏات ڌڻين جي ڪارڪردگي جو پُڙ ڳرو ئي نظر ايندو. تنهن ڪري حڪومت کي ڌات ڌڻين جي نڌڪڻو ٿي مرڻ جو سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ سندن علان کي يقيني بڻائي ڏات ڌڻين جي اوليتي بنياد تي مالڪي ڪرڻي پوندي جنهن سان خود رياست ۽ حڪومت جي عزت سلهاڙيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.