هاءِ ڪورٽ پاران جناح اسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن معطل

ڪراچي(  رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح اسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب به طلب ڪري ورتو،  ڊاڪٽر شاهد رسول جي ڊيپيوٽيشن تي مقرري خلاف ڊاڪٽر نازش بٽ پاران چيلينج ڪيو ويو هو،  درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جي پي ايم سي وفاق تحت هلندو آهي،  وفاقي حڪومت پاران جوڙيل رولز مطابق ايگزيڪٽو  ڊائريڪٽر جي پوسٽ تي هيٺين گريڊ جي آفيسر کي پروموٽ ڪيو ويندو يا  پبلڪ سروس ڪميشن تحت نئين مقرري ٿيندي، سنڌ حڪومت جناح اسپتال جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي مقرري  لا۽ وفاقي حڪومت سان مشاورت ناهي ڪئي،  ڊاڪٽر شاهد رسول جي ڊيپيوٽيشن تي مقرري واري وقت جناح اسپتال جي رولز کي به نظر ۾ نه رکيو ويو، وڪيل چيو ته ڊاڪٽر شاهد رسول ايگزيڪيوٽر ڊائريڪٽر جي پوسٽ لا۽ اهل ئي ناهي, کيس کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.