اڳوڻو جج شوڪت عزيز صديقي اين آءِ آر سي جو چيئرمين مقرر

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي کي نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن (اين آءِ آر سي) جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ شوڪت عزيز صديقي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. شوڪت عزيز صديقي کي ٽن سالن لاءِ نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. شوڪت عزيز صديقي کي 2018ع ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي عهدي تان برطرف ڪيو ويو هو پر سپريم ڪورٽ مارچ 2024ع ۾ شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ شوڪت عزيز صديقي کي هاءِ ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان رٽائرمينٽ جي سمورين رهتن لاءِ اهل قرار ڏنو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.