سپريم ڪورٽ پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جا 2 اهم فيصلا معطل

ڪراچي ( پ ر ) سپريم ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اپيل تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن اهم فيصلن کي معطل ڪري ڇڏيو.  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ناڪام اميدوارن جا زباني انٽرويو وٺڻبابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم خلاف اپيل داخل ڪئي وئي، جنهن تي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ٽن رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي وڪيل حافظ احسان کوکر ٻڌايو ته 2021 ۾ ڪميشن پاران گڏيل مقابلي واري امتحان ۾ 22,877 اميدوارن شرڪت ڪئي، جن مان 186 اميدوار لکت امتحان ۾ ڪامياب ٿيا. انهن اميدوارن جا زباني امتحان ورتا ويا، پر سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪجهه ناڪام اميدوارن جي درخواستن تي 11 ناڪام اميدوارن کان به زباني امتحان وٺڻ جو حڪم ڏنو. هن دليل ڏنو ته قانون موجب ڪنهن به اميدوار جا نمبر لکت امتحان کانپوءِ وڌائي نه ٿا سگهجن، ۽ جيڪڏهن هر ناڪام اميدوار کي زباني انٽرويو لاءِ موقعو ڏنو ويندو، ته ڪميشن جي ميرٽ ۽ شفافيت تي سوال اٿندا. حافظ احسان کوکر وڌيڪ دليل ڏنو ته عدالت پاران اختيارن جو غير ضروري استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن سان نه رڳو ڪميشن جي ساک متاثر ٿي رهي آهي، پر ڪامياب اميدوارن جو مستقبل به خطري ۾ پئجي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رهيو ته ڪميشن جو سمورو نظام ابتري جو شڪار ٿي ويندو. سپريم ڪورٽ، دليلن جي بنياد تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ٻنهي فيصلن کي معطل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.