حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو ۽ ستار رند پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو ته حڪومت ٽاسڪ فورس جوڙڻ ۾ مصروف آهي، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِتيار ناهي. واپاري ڪمند ۽ سارين سميت سمورن فصلن جا اگهه گهٽائي هارين جو معاشي قتل عام ڪري رهيا آهن، حڪومت ننڊ ستل آهي، فصلن جا مناسب اگهه مقرر ڪري. اڳواڻن چيو ته مخالف ڌر کي چيڀاٽڻ وارا ٽاسڪ فورس جوڙڻ بدران سنڌو درياءَ جو قتل ڪندڙن کي سزا ڏيڻ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙين. هنن چيو ته غلط معلومات کي روڪڻ لاءِ انٽرنيٽ بند ڪرڻ ۽ ميڊيا تي پابنديون هڻڻ بدران نوجوانن کي ميڊيا لٽريسي جي تعليم ڏني وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه جا تاريخي وهڪرا بحال ڪرائڻ لاءِ 22 ڊسمبر تي سکر ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ريلي ڪڍي ويندي جنھن ۾ سنڌ جي سمورن گهڻ گهرن کي شريڪ ٿيڻ جو سڏ ڏيون ٿا.