ٽرمپ سعودي عرب ذريعي عمران خان کي بچائي سگهي ٿو؟

اسلام آباد (فخر دراني) اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته ٽرمپ جي اچڻ کانپوءِ عمران خان جي آزادي جي حوالي سان اڳڀرائي ٿيندي پر ائين ناهي ٿيو. ٽرمپ وڌ ۾ وڌ ڪو ٽوئيٽ ڪري سگهي ٿو پر جيڪڏهن هن سنجيدگي سان ڪوشش به ڪئي ته هو سڌي ريت نه پر سعودي عرب ذريعي ئي ڪو ڪم ڪرائي سگهندو. ٽرمپ پاڻ ۽ ان جي انتظاميا سعودي بادشاهه محمد بن سلمان جا ويجها رهيا آهن. جيڪڏهن ٽرمپ عمران خان کي ريسڪيو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سعودي بادشاهه ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي پر ائين نٿو لڳي ته سعودي بادشاهه ڪو ڪردار ادا ڪندو. عمران خان جو محمد بن سلمان سان خوشگوار ناهي رهيو ۽ سعودي بادشاهه کي عمران خان بابت شڪايتون به پهچايون ويون هيون ته هن غلط لفظ ڳالهايا آهن. ائين نٿو لڳي ته محمد بن سلمان عمران خان جي حوالي سان ڪا گارنٽي ڏئي سگهي ٿو. عمران خان جي آزادي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن هو معافي وٺندو، ان کانپوءِ ڳالهيون سياسي قيادت سان ٿينديون. هاڻي عمران خان خلاف نوان ڪيس ٿي رهيا آهن. 190 ملين پائونڊ واري ڪيس ۾ عمران خان کي ڊگهي سزا اچي سگهي ٿي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 03 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.