راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته هٿياربند فوج قوم جي مضبوط حمايت سان ملڪ کي هر قسم جي خطرن کان محفوظ رکڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير نارووال ۽ سيالڪوٽ جي ويجهو جاري فيلڊ تربيتي مشقن ۾ حصو وٺندڙ دستن جو دورو ڪيو، آرمي چيف جي آمد تي ڪور ڪمانڊر گجرانوالا ۽ آءِ جي ٽريننگ آڌرڀاءُ ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف فيلڊ ٽريننگ مشقن جو معائنو ڪيو ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، جنرل عاصم منير کي مشقون ڪرائڻ ۽ مقصدن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سڄو ڏينهن فوجي جوانن سان گڏ گذاريو.
آءِ ايس پي آر موجب، مشقن جو مقصد اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پيشواراڻي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي، مشقن ۾ انفينٽري، مشيني دستن، آرمڊ، ايئر ڊفينس ۽ اينٽي ٽينڪ گائيڊڊ ميزائل يونٽس شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سمورن يونٽس منظم آپريشن بابت فائر پاور جو مظاهرو ڪيو، مشقن ۾ اليڪٽرانڪ جنگي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو به ڪيو ويو، دشمن جي مواصلاتي ذريعن ۾ رخنو وجهڻ جون مشقون پڻ ڪيون ويون.
آرمي چيف چيو ته هٿياربند فوج هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ وطن جي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي.
جنرل عاصم منير چيو ته هٿياربند فوج وطن جي دفاع لاءِ تيار آهي، هر خطري جو ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏنو ويندو.