پنوعاقل جي ڪچي ۾ جاري آپريشن روڪڻ لاءِ ڌاڙيلن جون پوليس کي ڌمڪيون

پنوعاقل (رپورٽ : ارشاد رستم انڍڙ) پنوعاقل جي ڪچي مان ڌاڙيل ياسين تيغاڻي سکر پوليس کي پنوعاقل جي ڪچي ۾  ڌاڙيلن خلاف هلندڙ آپريشن روڪڻ لاءِ ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي آويز وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي وڊيو ۾ ڌاڙيل ياسين تيغاڻي پوليس ۽ رينجرز جي ڌاڙيلن خلاف هلندڙ گڏيل آپريشن ختم ڪرائڻ لاءِ ايس ايس پي سکر امجد شيخ خلاف بدڪلامي ڪندي ۽ ڌمڪيون ڏيندي چيو ته سکر پوليس آپريشن ختم ڪري ٻئي صورت ۾ پوليس آپريشن دوران وڻن جي ڪريل پنن جيترا پوليس اھلڪار قتل ڪري ڇڏيندو. ياد رهي ته ڌاڙيل ياسين تيغاڻي جي ٽولي ڪجھ ڏينھن اڳ پنوعاقل جي بچاءُ بند تي ڊي آئي جي سکر فيصل عبدﷲ چاچڙ جي ڳوٺ ڀرسان قائم سرڳو پوليس چوڪي تي راڪيٽ لانچرن ۽ جديد هٿيارن سان حملو ڪري هڪ پوليس اهلڪار اربيلو چاچڙ کي شهيد ۽ پوليس اهلڪار رضا محمد کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. ڌڙيل ياسين تيغاڻي جاري ڪيل وڊيو ۾ سکر پوليس سان گڏ چاچڙ برادري جي ڦلاڻي پاڙي کي پڻ ڌمڪيون ڏنيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.