علي پلهه پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي ( رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ ڪور ڪميٽي ايڊوڪيٽ علي پلهه عهدي تان استيعيفيٰ ڏئي ڇڏي،  ايڊوڪيٽ علي پلهه تصديق ڪندي چيو آهي ته هن ڪور ڪميٽي ۽ پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري واري عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي، هن چيو ته مون استعيفيٰ بئريسٽر گوهر کي موڪلي ڇڏيو آهي، علي پلهه جو چوڻ هو ته هن استعيفيٰ ذاتي مصرفيتن سبب ڏني آهي، هن چيو ته مان پارٽي جي جنهن عهدي تي هئس ان حساب سان پارٽي کي وقت نه ڏئي رهيو هئس، هاڻ پارٽي جو ڪو ٻيو ميمبر ان عهدي تي ذميداري سان مون کان بهتر انداز ۾ پارٽي سان انصاف ڪري سگهي ٿو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.