اسلام آباد(شيراز پراچا) ملڪ اندر ھن وقت پروپيگنڊا وار ھلي رھي آھي ھڪ پاسي پي ٽي آئي اھڙن لاشن تي سياست ڪري رھي آھي جن جو ڪو وجود ناھي تھ ٻئي پاسي حڪومت بھ پروپيگنڊا جي ميدان تي لٿل آھي.بدقسمتي سان پاڪستاني معاشري ۾ ماڻھو انتھائن تي بيٺل آھن ۽ پروپيگنڊا جو شڪار ٿين ٿا ڪري فرقي واريت جي پروپيگنڊي جي زير اثر اچن ٿا ۽ ڪي وري سياسي پروپيگنڊا جي ھٿا ن يرغمال ٿين ٿا.پاڪستاني معاشري ۾ پاڻ کي فرشتو ۽ مخالف کي شيطان سمجھڻ وارو رويو سياست توڙي عملي زندگين ۾ عام جام ملي ٿو.پاڪستان اندر ڌرڻن جي سياست آءِ ايس آءِ جماعت اسلامي وسيلي بينظير ڀٽو جي حڪومت جي دور ۾ متعارف ڪرائي. ان کان اڳ نوازشريف حڪومت خلاف لانگ مارچ ڪيو ويو جنھن جي پٺيان بھ آءِ ايس آءِ ھئي. پي ٽي آءِوسيلي جٿن جا جٿا ڪاھي اسلام آباد تي ھلان ڪرڻ واري سياست جي شروعات بھ آءِ ايس آءِ ڪرائي. طاھر القادري نعرو ھڻي اسلام آباد پھتو تھ سياست نھ پر رياست بچايو ۽ ان ڌرڻي جي سھڪاري بھ ساڳي ڌر ھئي ان سان گڏ عمران خان 2014 ۾ ڌرڻا ھنيا تن جي پٺيان بھ سڀني کي سڌ آھي تھ ڪير ھيو. موجودھ آرمي قيادت کي پي ٽي آءِ جي ڌرڻا سياست ورثي ۾ پوين کان ملي آھي جن جو پيرو جنرل باجوا ۽ جنرل راحيل شريف کان ٿيندو ، ڪياني ، پرويز مشرف وٽان گذرندو ضيا ۽ حميد گل تي ختم ٿئي ٿو.ان ۾ پاشا، ظھير السلام ۽ جنرل فيض حميد پنھنجو پنھنجو حصو وڌو. عمران خان جو ڪو سياسي ويزن ناھي اگر ھجيس ھا تھ سياسي ڌرين سان ويھي پارليامينٽ ۾ ملڪ جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪري ھا پر ھو چوي ٿو تھ فوج ۽ اسٽيبلشمنٽ مون سان ڳالھائي ،ملڪ جو ٻيو مسئلو شھيد لفظ جو غلط استعمال بھ آھي جيڪو ھاڻي پي ٽي آءِ پنھنجي ڪارڪنن جي حوالي سان ڪري رھي آھي. جيڪي ماڻھو ان دوران مئا آھن سي شھيد ناھن بلڪ قتل ٿيا آھن جن جي ذميواري علي امين گنڊاپور، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي مٿان پئي ٿي ھي ماڻھو چاھين پيا تھ ماڻھو مرن. عمران جا پنھنجا ٻار ٻاھر ويٺا آھن عمران جي گھر واري جا ٻاھر مزي ۾ آھن باقي ٻين جي ٻارن کي چوي ٿو وڃو ۽ مرو.اسٽيبلشمينٽ ۽ ايجنسيون جيڪي ڪجهھ ڪنديون رھيون آھن سي ھاڻي ان جو پاڻ مزو وٺي رھيا آهن عمران خان جي صورت ۾،پاڪستان جي سياسي ڌرين، اسٽيبلشمينٽ ۽ مذھبي ڌرين کي گڏجي ويھي ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت آھي.