اسلام آباد(ع آ نيوز) وفاقي حڪومت پيڪا ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميمون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب قانوني معاملن واري حڪومتي ترجمان بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته حڪومت پيڪا ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو حڪومت جو اهم قدم آهي جنهن جو مقصد سوشل ميڊيا تي جعلي خبرن ۽ ناڪاري پروپيگنڊا کي ختم ڪرڻ آهي.هن چيو ته هي قدم رياستي ادارن خلاف گمراهه ڪندڙ معلومات پکيڙڻ وارن عنصرن جي رستا روڪ ڪندو. جڏهن ته هن قانون ۾ شفافيت، عوامي مشاورت ۽ اظهار جي آزادي جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. ۽ اهو صرف سماجي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ لاء استعمال ٿيندو. ميڊيا رپورٽ ۾ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته نئين ترميم تحت ملڪ جي ادارن ۽ ڪنهن به فرد خلاف غلط خبرون پکيڙڻ وارن کي 3 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويندو. جعلي خبرن ۽ سزا جو تعين ٽربيونل ڪندو، حڪومت کي سوشل ميڊيا اڪائونٽس کي بلاڪ ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ جو اختيار به هوندو، شروعات ۾ اهو قانون سوشل ميڊيا لاءِ هوندو پر ان جو عمل مک ميڊيا ئي ٽي وي چينلن تي به لاڳو ٿي سگهي ٿو.