هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ روزانو اهيو ئي سوال ڊوڙي ٿو ته پاڪستان آخرڪار ڪڏهن ترقي ڪندو؟ ملڪي سياست جي حوالي سان روزانو مايوس ڪندڙ خبرون ملن ٿيون. صبح جو اخبار کي ڏسڻ سان ماڻهو هڪ مايوسي واري ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهي ٿو. روزانو مار ڌاڙ، ماريندڙ کي خبر ناهي ته آءٌ ڇو قتل ڪري رهيو آهيان؟ مقتول به بي خبر رهي ٿو ته ان کي بيگناهه ڇو ٿو ماريو وڃي؟ حالانڪه مقتول کي ته ماريندڙ هٿ سان جنت جي ٽڪيٽ سندس هٿن ۾ پڪڙائي ٿو. پر ماريندڙ قيامت تائين عذابن ۾ رهي ٿو.
بهرحال پاڪستان جي سياست ۾ هر نئون ايندڙ ڏينهن نئين ڪشمڪش کڻي اچي ٿو. روزانو صبح جو نيون اميدون وري شام جو اهي پراڻيون ڳالهيون جيڪي مايوسيءَ سان ڀريل هونديون آهن. هاڻي ته اسان کي اهڙا سوال ٻڌڻ جي عادت ٿي ويئي آهي ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ قيدي ٻاهر ڪڏهن ايندو؟ ڪڏهن ڪڏهن آئون به اهڙن سوالن کي ڏاڍو سنجيدگيءَ سان وٺندو هيس ۽ اطمينان سان سوال ڪندڙ ماڻهوءَ کي پنهنجي خيالن موجب ڳالهه سمجهائڻ جي وڏي ڪوشش ڪندو هيس. پر ڪجهه سالن گذرڻ کان پوءِ ماڻهو حڪومت جي باري ۾ سوال پڇندا هئا ۽ پوءِ آءٌ پڪ سان سمجهي ويس ته روزانو سوال ڪرڻ عوام جي هاڻي عادت تي ويئي آهي.
ماڻهو حڪومت مان تنگ ۽ بيزار آهن. طرز حڪمراني خراب آهي. وزيراعظم هائوس ۾ ويٺل ماڻهوءَ کان عوام بيزار ۽ تنگ آهي. جيڪو جيل ۾ ويٺل قيدي آهي ان مان عوام بهتري جي اميد رکيون ويٺو آهي. جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي ته ماڻهو اهيو سمجهندا هئا ته جيڪڏهن نواز شريف وزيراعظم ٿي ويو ته ملڪ خوشحال ٿي ويندو. پر عوام ڏٺو ته نواز شريف جي دور ۾ عوام وڏو مايوس ٿيو. وري جڏهن نواز شريف وزيراعظم ٿيو ته ماڻهن جي نفسيات ۽ سوچ يڪدم تبديل ٿي ويئي ۽ ماڻهون چوڻ لڳا ته نواز شريف کان ته بينظير ڀٽو جي حڪومت بهتر هئي. گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن کي روزگار ته ميسر هو. ماڻهن فيصلو ڪيو ته بينظير ڀٽو کي ٻيو ڀيرو به وزيراعظم ٿيڻ گهرجي. نواز شريف جڏهن ٻيو ڀيرو وزيراعظم چونڊيو ته عوام رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ته هي ظالم ڪڏهن گهر ڀيڙو ٿيندو؟ وري جڏهن نواز شريف جلاوطن ٿيو ته ماڻهو چوڻ لڳا ته ڪڏهن وطن واپس ورندو؟ آخرڪار ماڻهون ڪڏهن ۽ ڪهڙي طرز حڪمرانيءَ تي خوش ٿيندا؟
هاڻي وري ماڻهو سوال ڪن ٿا ته موجوده حڪومت ڪڏهن گهر ڀيڙو ٿيندي ۽ عمران خان ڪڏهن وزيراعظم ٿيندو؟ ياد هجڻ گهرجي ته 2018 واري اليڪشن ۾ جڏهن عمران خان وزيراعظم چونڊجي آيو ته وري ماڻهو ساڳيو سوال ڪرڻ لڳا ته عمران خان ڪڏهن ٿو اقتدار تان لهي. عوام کي اهڙو ته ڳالهين جو چسڪو لڳي ويو آهي جو ڪنهن کي به پنج سال حڪومت ڪرڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي. هڪ سال کان پوءِ عوام جو صبر ختم ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ نئين جي تلاش ۾ نڪري پوندو آهي. جيڪو هن قوم جو پسنديده مشغلو آهي مزي جي ڳالهه اهيا به آهي ته عوام ساڳين چهرن کي چونڊڻ لاءِ هڪ ٻئي سان وڙهي پوندو آهي ۽ پوءِ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو قتل به ٿي پوندا آهن ۽ پوءِ ائين قبائلي جهيڙا شروع ٿي ويندا آهن اميدوار پنهنجي منهن کلندا رهندا آهن. هاڻي مون کي ڪير سمجهائي ته آءٌ ڇا ڪريان؟ پنجاب ۾ عمران خان کي وڏو سياسي ڌچڪو عثمان بوزار ڏنو. ان جي طرز حڪمراني ڪا خاص بهتر ڪونه هئي. هاڻي عوام نواز شريف حڪومت مٿان طبرو ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي عوام کي سڪون تڏهن ملندو آ جڏهن هر 2 سالن کان پوءِ حڪومت تبديل ٿيندي ڪوبه حڪمران يا سياستدان عوام جي نبض تي هٿ رکي ڪونه ٿو. ماڻهن جي راءِ کي ڇهه مهينا سنجيده وٺڻ گهرجي. هاڻي اسان مان ڪنهن کي به خبر ناهي ته ملڪ جو ايندڙ مستقبل ڇا هوندو؟ سو ملڪ کي هلائڻ جي مهار فيصلا ڪندڙ ڌرين وٽ آهي. جيڪڏهن هو مهار کي سڌو وٺي ويندا ته ملڪ معاشي طور طاقتور بڻجي ويندو. پر ائين ٿيندي ڏسڻ ۾ پري پري تائين ڪونه ٿو اچي.