اجڙيل سنڌ پنھنجي حصي جي پاڻي لاءِ روڊ رستا سجائي رھي آھي جيڪا ھزايرن سالن جي درياهه جي وھڪري جي سدائين مالڪي ڪندي پئي اچي اڄ جڏھن سنڌو کي مڪمل سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي تڏھن اسان کي اھي ڊيمن واريون سڀ سازشون ڪالھو ڪيون ڪاريون راتيون پيون لڳن بلڪل ايئين جيئن هاڪڙي درياهه کي ختم ڪيو ويو بلڪل ايئن جيئن اسان جي پيرن ھيٺان سنڌ جي زمين ملتان کان صادق آبادتائين ڦري ويئي اڄ اسان کي پنھنجي حڪمت عملي کي سائنسي بنيادن تي بنائڻ جي سخت ضرورت آھي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو پيرين پنڌ ڳوٺ ڳوٺ ماڻھن کي جوڙڻ جي سخت ضرورت آھي تنظيمن جي نظرين جي اختلافن کي وسارڻو پوندو اسان کي سنڌ کي پنھنجو محور ٺاھڻ جي ضرورت آھي.
ھي سڀ پرچم اسان جا آھن انھي جي ڪري سڀني پرچمن کي محبوب واري صورت ڏسڻ جي ضرورت آھي ڇو ت پاڻي کان بغير ڪا ساھ واري شيءَ زندھ نٿي رھي سگھي پوءِ منھنجي ڌرتي جو حسنا ڪيون ڪٿان رھنديون منھنجي سنڌ مان نڪرندڙ سڀني قدرتي وسيلن کي اڳ ئي ڳڙڪايوويوآھي سنڌمان نڪرندڙ گئس ڪوئلو تيل اسان جي ھٿ منجهه ناھي ان جي مالڪي ڌارين حوالي ٿي چڪي آھي مان ڇا ڪريان ان جي ڪري مون مٿان واجب آھي مان پنھنجي ماءُ جو حلال فرزند ھجڻ جي ڪري پنھنجي ڪنڊ ڪڙڇ جي ماڻھن تائين سجاڳي جوڪردار ادا ڪريان ۽ ان پنھنجو حصو ڳنڊيان جيئن مرڻ وقت اھو سنڌ امڙ کي جواب ڏيڻ سر ڌڙ جي ڪوشش جاري رکي پيو اچان پنھنجو ڪردار شال اداڪري سگھان بلڪل ايئين جيئن شھيد نذير عباسي پنھنجي ماڻھن لاءِ نڀائيوبلڪل ايئن جيئن ڪامريڊ غلام رسول سھتي ڪالاباغ ڊيم خلاف پوري سنڌ جي ھارين کي جوڙي اينٽي ڪالاباغ جدوجھد بنايواھڙي جدوجھد ڪرڻ لاءِ سوچيان پيو ۽ جي سڀني نظرياتي تنظيمن کي پنھنجون تنظيمون سمجھان پيو ۽ انھن تي مونکي ڀرپور اعتماد آھي اڄ سڀاڻي حالتون اسان کي ان چئواٽي تي وٺي اچي بھارينديون جو ھڪ آواز ٿي اسان کي پنھنجي جنگ جومورچو سنڌو جي وھڪري تي بھارڻو پوندو ۽ سنڌ سان سڀ واعدا وچن پاڙھڻ واري جنگ ڪرڻي پوندي سنڌ جي ماڻھن کي سوچڻو پوندو جيتري دير ڪنداسين اوتري وڏي قرباني ڏيڻي پوندي جيئن فلسطينين دير ڪئي آھي اھي ھن وقت وڏي قرباني پياڏين انھي جي ڪري اسان جي سنڌو مان حڪمران 6ڪئينال ٺاھڻ وارن اعلانن کي بند ڪرائڻ جي رستا روڪ ڪرڻ جي ضرورت آھي ڇو اسان جا جبل اسان جو گئس تيل ڪوئلو ۽اسان جا ايئر پورٽ ٻيٽ سڀ جو سڀ وڪرو ٿي ويا آھن اسان جي جيئاپي جو آخري سھارو سنڌو درياهه آھي جنھن تي حڪمرانن جي اک آھي ھاڻي وقت اچي ويو آھي اھا اک ڪڍي ڇڏيون ان جي ڪري سنڌ جي ماڻھن کي پنھنجي جياپي واري جنگ طرف وٺي وڃڻ واري حڪمت عملي جوڙي سگھون.
سنڌ جي سڀني تنظيمن کي ھٿ ادب جاٻڌي عرض ٿوڪريان سڀ ويڇا ساريو سنڌ کي ماءُ سمجھي جيجل جي ٿڃ سان ملھائيو ۽ جيڪڏھن سنڌ جا ماڻھو اقتداري قوتن مان ھاڻي مايوس ٿي چڪا آھن رڳي ٿوري محنت ڪرڻ جي ضرورت آھي سنڌ جا حڪمرانن پنھنجا ڏوھ لڪائڻ لاءِ سنڌ کي ڌاڙيل ڪلچر قبائلي جھڳڙن ڦاسائي قتل اغوائن جي وارڌاتن کي پي وڌايو آھي وڏن حاڪمن جي جوتن صاف ڪرڻ واري ڪرت لڳل آھن ھاڻي سنڌ جون حالتون اھڙي موڙ تي وڃي بيٺيون آھن جوڪونوجوان گھرکان ٻاھر نڪري ٿو ماءُ قرآن پاڪ جي ھيٺان بھي دعاپئي گھري الله سائين منھنجي ٻچڙي کي شام خيريت سان گھرپھچائڻ مدد ڪجان جڏھن ڪنھن ماڻھو کي يقين ئي ھجي مان گھر خير سان پڄندس اتي جدوجھدڪرڻ ڏکي ضرور آھي پر ناممڪن ناھي انھي ڪري مايوس ناھي ٿيڻ جي ڇو انقلابن کي آڻڻ کي روڪڻ جون اھي جاگيرداري۽سرمائيداري نظام جون سڀ سازشون سمجھندي جدوجھد ڪرڻي پوندي دنياجي انقلابن کي پڙھنداسين انھن کي اسان کان وڏيون ڏکيائيون آيون ۽ انھن تڪليفن سان منھن ڏئي پنھنجي ماڻھن۽پنھنجي ڌرتي کي بچائي ويا پوءِ اسين جا ماڻھو مٽي تان ساھ ڏئي سگھون ٿا