نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جو اجلاس

تحرير: غلام حسين لغاري

نيشنل پارٽي سنڌ ڊسمبر ۾ سنڌو تي نون ڪئنالن وسيلي سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ سميت پوري ملڪ جون زمينون ڪارپوريٽ ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ خلاف حيدر آباد ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو۔ اهو فيصلو نيشنل پارٽي سنڌ جي نئين چونڊيل ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌ پارٽي جي صدر تاج مري جي صدارت ۾ سندس گهر تي گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ نيشنل پارٽي جي جنرل سيڪريٽري مجيد ساجدي ۽ مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر ڪامريڊ رمضان ميمڻ مرڪزي ڪانگريس جي رپورٽ پيش ڪئي جيڪا گذريل مهيني ڪوئٽا ۾ پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي صدارت هيٺ ٿي گذري هئي۔ مرڪزي نائب صدر شاهين رمضان ،غلام نبي بهراڻي ،مرزامقصود ،طالب جکرو،غلام محمد جدون،عبد الحڪيم،ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيل سان روشني وڌي۔هن اجلاس ۾ سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن جي اڏاوت ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سان سنڌ ۽ ملڪ جون زمينون ڦٻائڻ واري غيرقانوني عمل جي سخت مذمت ڪندي اهڙي عمل کي سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازش جو هڪ حصو قرار ڏنو ۽ چيو ته سنڌ جا هر طبقي جا رهواسي هر ٻولي ڳالهائيندڙ اهڙي ڪنهن به سازش جو حصو نه بڻبا.

اين پي سنڌ جي صدر تاج مري سنڌو جي سياست ۽ اڄ جي ترجيحي مسئلن تي تفصيلي ڳالهائيندي چيو ته سنڌو تي 6 ڪينال ڪڍي سنڌو سڪائڻ جاسانڀاها ڪيا پيا وڃن ان منصوبي سان سنڌ جون زمينون بنجر ٿي وينديون۔ سنڌجي 10 لک ايڪڙ زمين سميت ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين مختلف ملڪن جي سرمائيدارن کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏني پئي وڃي جنهن سان سنڌو جو هاري وڌيڪ استحصال جو شڪار ٿيندو. هن تجوير ڏني ته پاڻي ۽ زمين جي مسئلي تي حيدرآباد ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي جنهن مڙني ترقي پسند قومي جمهوري پارٽين کي ڪانفرنس ۾ شريڪ ڪيو وڃي۔ اجلاس ۾ تازو ٽانڪ واري علائقي پارا چنار ۾ بي گناھ ماڻهن جي قتل ۽ نيشنل پارٽي جي قائد جي گهر تي طاقتور بم رکڻ جي پڻ مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته هڪ طرف پاڻي ۽ زمينن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن ٻئي طرف ملڪ کي انتهاپسندي ۽ گهرو ويڙھ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي جنهن جا ملڪ تي خطرناڪ اثر پئجي سگهن ٿا.

اجلاس ۾ سنڌ اندر وڌندڙ لاقانونيت ۽ بدامني کي به سنڌ لاءِ خطرناڪ عمل سڏيو ويو ازور ڀريو ويو ته سنڌ جي ماڻهن ۾ امن محبت ۽ ڀائيچاري واري فضا قائم ڪرڻي پوندي۔هن اجلاس ۾ نيشنل پارٽي جي عورت ميمبرن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ اجلاس جي فيصلن جي تاڪيد ڪئي ۽ اميد ڪئي ته پاڻي زمينن ۽ امن سميت سمورن مسئلن تي قومي ڪانفرنس سان سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي.

اين پي سنڌڪابينا جي اجلاس کان پوءِ اين پي ضلعي حيدرآباد پاران سنڌ ۽ مرڪز جي نون چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو جنهن کي سنڌ جي صدر تاج مري ،مرڪزي نائب صدر شاهين رمضان ،حيدر آباد جي صدر غلام حسين لغاري،عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ لطيف لغاري ، اين پي سنڌ جي اڳواڻن طالب جکرو ، غلام نبي بهراڻي،ايڊوڪيٽ غلام محمد جدون،ستار جروار،ڪوهستان ويلي جامشوروريزڊٽس يونين جي جنرل سيڪريٽي ڊاڪٽر حاڪم علي ڪناسرو خطاب ڪيو. مقررن نيشنل پارٽي کي نيشنل عوامي پارٽي ( نعپ) جو تسلسل قرار ڏيندي سنڌ سميت پوري ملڪ جي ترقي پسند جمهوري قوتن جو گڏيل پليٽ فارم ثابت ٿيندو مقررن سنڌ حڪومت ۽ پ پ پ تي تنقيد ڪندي چيو هڪ طرف سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻندڙ سان ٻٽ لڳي پئي آهي ٻئي طرف واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. اڳواڻن سنڌ حڪومت کي مشورو ڏنو ته اها سنڌ جي مسئلن تي سنجيده ٿئي ۽ سازشن کان پاڻ کي الڳ رکي. جڏهن به سنڌ جو ماڻهو سنڌ جي مسئلن تي احتجاج ڪندو آهي ته پ پ پنهنجا رويا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. جڏهن ٻيٽن وارو مسئلو کڙو ٿيو هو تڏهن به پ پ بعد ۾ پنهنجو رويو تبديل ڪيو هو ۽ هاڻ به ڇهن ڪئنالن جي اجازت ڏئي ٻٽي راند پئي کيڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.