ماڻهو مارائڻ واري نوبت تي پهتل احتجاج!؟

پي ٽي آءِ جو پنهنجي اڳواڻ عمران خان جي آزادي ۽ اليڪشني مئنڊيٽ واپس ڏيارڻ لاءِ اسلام آباد جي ريڊ زون ڊي چوڪ تي رٿيل احتجاج ۽ ڌرڻي وارو پروگرام انتهائي خوف ناڪ موڙ تي يعني ماڻهو مارائڻ واري نوبت تي پهچي چُڪو آهي. جيئن جيئن پي ٽي آءِ جا قافلا ۽ مظاهرو ڪندڙ ڪارڪن اسلام آباد ۽ ڊي چوڪ تي پهچڻ شروع ٿيا آهن ته رتوڇاڻ جو عمل به شروع ٿي چُڪو آهي، گذريل ٻن ڏينهن ۾ هڪ پنجاب جو پوليس اهلڪار ۽ ٽي رينجرز مظاهرين جي چڪرين عيوض پنهنجي جان وڃائي چُڪا آهن. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ڊي چوڪ تي ڪنهن کي به اچڻ نه ڏبو جيڪو به ڊي چوڪ تي ايندو تنهن کي گرفتار ڪيو ويندو. اها صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن حڪومت سختي ڪندي ۽ ٻئي پاسي مذاحمت ٿيندي ته پوءِ وڌيڪ لاش ڪرڻ جو خطرو آهي.

سو هاڻي ڏسڻو آهي ته حڪومت لاشن ڪيرائڻ واري سياست يا سازش کي ڪيئن ٿي منهن ڏي ۽ هوڏانهن پي ٽي آءِ لاءِ به چيلينج آهي ته اها 9 مئي واري واقعي جي پارٽ ٽو کي ڪيئن ٿي روڪي. پي ٽي آءِ جي موجوده حڪمت عملي مان ته ايئن ٿو لڳي ته اها 9 مئي واري واقعي جي ايڪشن ري پلي جي موڊ ۾ آهي. هاڻي خبر ناهي ته ماڻهو مارائڻ وارو عمل ڪنهن جي فائدي ۽ ڪنهن جي نقصان ۾ ويندو. اصولي طور تي ته اها سياست ڪنهن لاءِ به سٺي ناهي ۽ نه ئي ان جي همت افزئي ڪرڻ گهرجي پر اسان جي سياست ۾ هڪڙن سياسي، اقتصادي ۽ سماجي مفادن ڪري به رتوڇاڻ واري ۽ وڳوڙي سياست ڪرائي ويندي آهي. سو سوچڻ وارا اهو به سوچين ٿا ته هيءَ صورتحال ڪنهن طئي ٿيل اسڪرپٽ جو ته نتيجو ناهي. جنهن جي امڪان کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي ملڪي تاريخ ۾ اهڙا مثال ملن ٿا.

اهو سياسي تجزيو پنهنجي جاءِ تي، آف دي ريڪارڊ ڪهڙي به کچڻي پچندي هجي پر آن دي ريڪارڊ اسلام آبادهاءِ ڪورٽ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ، ٻنهي ڌرين کي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري احتجاج جو هنڌ طئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ته جيڪڏهن ڊي چوڪ تي پي ٽي آءِ کي ڌرڻي کان روڪڻ لازمي آهي ته پوءِ ان کي ٻي جاءِ ڏني وڃي پر پي ٽي آءِ ان عدالتي حڪم باوجود ڊي چوڪ تي احتجاج ۽ ڌرڻو ڏيڻ تي بضد آهي جڏهن ته حڪومت عدالت جي حڪم تحت گهرو وزير محسن نقوي کي پي ٽي آءِ سان ڳالهائڻ جي اسائنمينٽ ڏني جنهن ۾ پي ٽي آءِ کي گنجني واري جڳهه تي احتجاج ڪرڻ جو آپشن ڏنو ويو . رپورٽون آهن ته پي ٽي آءِ جي عمران خان سميت سڄي قيادت ان آپشن تي راضي ٿي پر هڪڙي بشريٰ بيبيءَ جو خيال آهي ته هر قيمت تي ڊِ چوڪ تي ئي احتجاج ڪيو ويندو. ان جو چوڻ آهي ته کيس عمران خان ئي ڊي چوڪ تي وڃڻ جو چيو آهي. جڏهن ته اهي به رپورٽون آهن ته عمران خان کان بشريٰ بيبي لاءِ هڪ ميسيج به ريڪارڊ ڪرايو ويو آهي.

بهرحال ڪجهه به هجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين جو پهريون مرحلو ناڪام ٿيو آهي جنهن کي سٺو سنوڻ نه چئبو. اسان جو خيال آهي ته پرتشد وڳوڙي ۽ لاشن واري سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اهو عمل ان احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته سياسي جماعتن جي ڪلهه جي دشمني اڄ جي دوستي ۽ اڄ جي دوستي سڀاڻي جي دشمني ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي تنهن ڪري سياسي جماعتن ۽ اسٽيبليشمينٽ جي ان عارضي دشمني ۾ ڪنهن به هڪ انسان جي جان وڃڻ تمام وڏو نقصان آهي . هن معاملي ۾ ئي اوهان ڏٺو ته هن وقت تائين پنج جانيون ِضايو ٿي چُڪيون آهن. اهي رڳو پنج جانيون نه پر پنج خاندان آهن جن کي بي گناهه پنهنجي جان وڃائڻي پئي پر جيڪڏهن حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جو اهو ضد برقرار رهيو ۽ ڪير به پوئتي نه هٽيو ته يقينن چڪريون وڌي وينديون جنهن سبب اڃان به ڪيتريون جانيون ضايع ٿي وينديون. هاڻي دارو مدار اسٽيبليشمينٽ جي پاليسي تي آهي ته اها لاش ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڇاڪندي، ڇا پي ٽي آءِ کي ٻيو 9 مئي ڪرڻ جي سزا ملندي يا حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. پر هتي سوال اهو آهي ته ڇا اسٽيبليشمينٽ يا زٻيون طاقتون اهو سڀ ماڻهو مارائڻ بنا نه ٿيون ڪري سگهن ڇا ان مقصد لاءِ لاشن تي سياست ڪرڻ لازمي آهي.

سو اندروني طور ڪهڙي به کچڻي پچندي هجي پر اسان موجوده صورتحال کي ڪنهن ريت به ملڪ، حڪومت ۽ عوام جي مفاد ۾ نه ٿا سمجهون. ان سان جمهوريت کي ته نقصان رسندو ئي رسندو پر جيڪي بي گناهه جانيون ضايع ٿينديون تن جو حساب ڪير ڏيندو. اسان لاشن ڪيرائڻ واري سياست کي رد ڪيون ٿا.حڪومت جي مفاد ۾ اهوئي هو ته اها پي ٽي آءِ کي احتجاج ڪرڻ جو موقعو ڏئي ها ۽ اسلام آباد کي مڪمل طور تي سيل ڪرڻ کان پاسو ڪري ها ته اهو وڌيڪ بهتر هو. ان عمل سان نه ملڪ کي معاشي نقصان رسي ها نه ئي عوام کي تڪليف رسي ها پر اها به حقيقت آهي ته اهڙي قسم جو احتجاج به درست ناهي ته جيڪڏهن اسان جي اڳواڻ کي آزاد نه ڪيو ويو ته ريڊزون ۾ داخل ٿينداسين ۽ تيستائين واپس نه وينداسين جيستائين کيس آزادي نه ملندي. اها روايت به سٺي ناهي ته ڪير 50 هزارن جو هجوم وٺي ريڊ زون ۾ داخل ٿئي ۽ حڪومت تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ته ان کي اهڙي سياست جي اجازت ڏئي ڇڏجي. اسان جو خيال آهي ته پارلياماني ۽ پرامن سياست ڪرڻ گهرجي. هاڻي پهريون فرض حڪومت جو آهي ته اها ماڻهو مارائڻ واري سازش يا حڪمت عملي کي ناڪام بڻائي ۽ اهڙي اٻهرائي نه ڪري جنهن سان لاش ڪرن، بظاهر هاڻي ته اهو مشڪل ٿو نظر اچي پر ملڪ، جمهوريت، عوام ۽ خود حڪومت جي مفاد ۾ اهو آهي ته پي ٽي آءِ کي پرامن طريقي سان ڊي چوڪ تائين اچڻ ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.