هڪ پاسي اسلام آباد پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب رستا بند ڪري پريشان آهي ته ٻئي پاسي وري اهڙا ته فيصلا ڪري رهيو آهي جو صوبا پريشان ٿي رهيا آهن گذريل ٻن مهينن کان وقاف جو گرين پاڪستان پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي جنهن سبب هو نوان ڪئنال ٺاهڻ جو ارادو رکي ٿو اهي ڪئنال چولستان جا هجن يا ڪي ٻيا پر پاڻي سنڌو درياءَ مان ئي کڻندا سنڌو درياءُ جيڪو فطرت جو هڪ سهڻو سنگم آهي جنهن جي اوج سان سنڌ اندر زندگي جو ڪاروهنوار جاري رهندو آهي پر ان مٿان جيڪا ڌاڙو هڻڻ جي رٿا ٿي رهي آهي ان کي سنڌ ڪڏهن به قبول نه ڪندي اهڙي قسم جون حرڪتون وقتن بوقتن سنڌ سميت سمورن صوبن سان ٿيندو رهنديون آهن.
ڪالھه به هڪ اجلاس ۾ اهڙي قسم جي ڳالهھ ٿي آهي جو ملڪ جي نائب وزير اعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايڪنڪ جو اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ سنڌ جي سخت احتجاج کانپوءِ چولستان ڪئنال جي منظوريءَ وارو مامرو غور هيٺ نه آندو ويو،سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ڄاڻي ٿو سنڌ جو احتجاج ئي وفاق کي پنهنجي هٺ ڌرمي وارن فيصلن کان روڪيندو رهيو آهي ان ئي حوالي سان ڪالھه جڏهن وفاقي حڪومت جي پاران پاڻي جي اهم معاملي تي ڪا به فيصلائتي ڳالھه نه ڪئي وئي آهي پر وفاق وري پاڻي جي مامري کي پاسي ڪري صوبن جي معدني وسيلن تي اک رکي آهي.
نگران حڪومت جي دور ۾ تيل ۽ گئس آمدنيءَ ۾ 50 سيڪڙو حصيدار صوبن جو ڪردار محدود ڪرڻ لاءِ آندل پيٽروليم پاليسي 2012ع ۾ ڪيل ترميم اوچتو ضمني ايجنڊا طور منظوري لاءِ پيش ڪئي وئي آهي.پر سنڌ پاران احتجاج بعد ڪئنال جي منظوري ته ملتوي ٿي آهي وري هي هڪ نئون مامرو پيدا ڪيو ويو آهي ان ئي حوالي سان تفصيل اهي پيا ٻڌايا وڃن ته نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايڪنڪ جو اجلاس ٿيو آهي جنهن اجلاس ۾ پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شديد رد عمل کانپوءِ تڪراري چولستان ڪئنال جي منظوري واري ايجنڊا اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل نه ڪئي وئي هئي تنهن ڪري ڪالهوڪي اجلاس ۾ چولستان ڪئنال جي منظوريءَ تي غور نه ڪيو ويو.جڏهن ته وفاقي حڪومت گئس ۽ تيل معاملن ۾ آئيني طور پنجاهه سيڪڙو جي حصيدار صوبن جي آئيني حقن کي پيٽروليم پاليسي ۾ ترميم ذريعي گهٽائڻ لاءِ نگران حڪومت جي دور ۾ پيٽروليم پاليسي 2012ع ۾ منظور ٿيل ترميم ضمني ايجنڊا طور تي ايڪنڪ جي اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪئي آهي ،جنهن تي سنڌ پاران سخت احتجاج ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته نگران حڪومت کي بنيادي ۽ پاليسي نوعيت جا فيصلا ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي هوندو.
نگران حڪومت پاران پيٽروليم پاليسي 2012ع ۾ جيڪا ترميم منظور ڪئي وئي آهي اُن سان صوبن جو ڪردار محدود ٿيڻ جو خدشو آهي. جنهن ڪري سنڌ پاران اِن پاليسيءَ ۾ نگران حڪومت پاران منظور ڪيل ترميم کي سي سي آءِ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. سي سي آءِ پاران فيصلي ڪرڻ تائين هي پاليسيءَ ۾ ترميم منظور نه ڪرائي وڃي ته بهتر رهندو سنڌ حڪومت اهو به موقف اختيار ڪيو ته اهڙي نوعيت جا معامرا اوچتو ضمني ايجنڊا طور تي منظوري لاءِ پيش ڪرڻ به مناسب ناهي. ڇو ته صوبن کي اهڙي ريت تياري ڪرڻ جو ڪو وقت نٿو ملي.
اِن نوعيت جا مامرا باضابطه طور تي اڳواٽ ايجنڊا جاري ڪري صوبن کي آگاهه ڪرڻ کانپوءِ ايڪنڪ جي اجلاس ۾ اچڻ گهرجن. ايڪنڪ اجلاس جي صدارت ڪندڙ نائب وزير اعظم اسحاق ڊار پيٽروليم پاليسي ۾ ترميم جي سنڌ پاران مخالفت ڪرڻ واري عمل تي ناپسنديدگي وانگر ڏٺو. وفاقي حڪومت جي وزيرن پاران پيٽروليم پاليسي ۾ ترميم کي سنڌ جي مخالفت ڪرڻ سبب عارضي طور تي ملتوي ڪرڻ سان گڏ سنڌ حڪومت کي اهو واضع پيغام ڏنو ويو ته نگران حڪومت ۾ منظور ڪيل پيٽروليم پاليسي ۾ ترميم وفاقي حڪومت پاران منظور ڪرائي ويندي.
ايڪنڪ جي ٿيل اجلاس بابت جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نائب وزير اعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ٿيل ايڪنڪ جي اجلاس ۾ ايڪنڪ مجموعي طور تي هڪ سو 72 ارب 70 ڪروڙ رپين جي ماليت جي 11 ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني آهي. جڏهن ته صحت وزارت کان وڌيڪ وضاحت وٺڻ لاءِ هڪ منصوبي جي منظوري ملتوي ڪئي وئي. ايڪنڪ پاران منظور ٿيل 11 ترقياتي منصوبن ۾ 6 منصوبن جو تعلق بلوچستان صوبي سان آهي. ايڪنڪ پاران منظور ٿيل منصوبن ۾ آءِ ٽي ۽ صنعت شعبي ۾ هڪ سئو 50 اميدوارن کي تربيت ڏئي بااختيار بڻائڻ لاءِ 15 ارب رپين جو منصوبو، جڏهن ته 15 ارب 60 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان گوادر ڪوئيٽا ريل نيٽورڪ، بلوچستان جي مشرقي ۽ مغربي رستن جي اپگريڊيشن لاءِ 26 ارب رپين جو منصوبو ۽ بلوچستان ۾ سوئي کان ڪشمور تائين روڊ جي تعمير لاءِ 9.4 ارب رپين جو منصوبو منظور ڪيو ويو آهي.
ايڪنڪ ڪراچي لاءِ سالڊ ويسٽ جي بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ ورلڊ بينڪ جي فنڊنگ سان 29.2 ارب روپين جي منصوبي جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ ورلڊ بينڪ جو حصو 27.8 ارب روپيا هوندو. جڏهن ته ورلڊ بينڪ جي فنڊنگ سان گرين لائين بس، ويپڊ ٽرانزٽ سسٽم ڪراچي لاءِ 29.2 ارب رپين جي مدد ڪئي آهي. ايڪنڪ گڏاڻي شپ، بريڪنگ ۽ ريسائڪلنگ انڊسٽريز جي اپگريڊيشن لاءِ 12.9 ارب، بلوچستان جي ماهي گيرن ۽ زرعي گهراڻن جي آمدني ۾ اضافي لاءِ گوادر لسٻيلا سپورٽ پروگرام منصوبي لاءِ 9.4 ارب، جنهن لاءِ سعودي فناسنگ 17.8 ارب هوندي. ايڪنڪ جي اجلاس ۾ اِي ايف جِي پي، جي منصوبن کي حتمي شڪل ڏيڻ دوران آخري مرحلن ۾ پهتل منصوبن لاءِ ترجيحي بنيادن تي جاري ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ايڪنڪ پاران اِن حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو.وفاق پاران اهڙي فيصلن سان صوبن جي حقن تي ڌاڙو سمجهيو پيو وڃي پر سنڌ جي احتجاج يا چٽي موقف سان ئي ٻين صوبن کي بيهڻ گهرجي جيڪڏهن صوبن جا معدني وسيلا وفاق پاڻ کڻندو ته پوءِ ملڪ جي خودمختيار اسيمبلي تي سوال ضرور اٿندا ته جنهن اسيمبلي صوبن جي خودمختياري لاءِ ڳچ عرصو اڳ جيڪا ارڙهين ترميم پاس ڪئي هئي ان تي ڪو به عمل نه ٿي رهيو آهي پوءِ ان کي ختم ڪري صوبن جا سڀ اختيار وفاق کي ڏنا وڃن جنهن سان ٻيو نه به اهو ٿيندو جو ڪنهن کي به احتجاج جو حق حاصل نه هوندو.