چين خطي ۾ نھ رڳو سيڙپ ڪري رھيو آھي پر ھاڻي اھو سفارتي ميدان ۾ بھ گھڻو اڳتي نڪري آيو آھي.دنيا جا ملڪ پنھنجي مفادن کي نظر ۾ رکندي پاليسيون جوڙيندا ۽ انھن تي عمل بھ ڪندا آھن. پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ جي لاءِ چين ميدان ۾ اچي ويو آھي.ڇاڪاڻ جو چين جي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ سيڙپ آھي، ان ڪري انھن ٻنھي ملڪن ۾ ڪنھن ڇڪتاڻ جو چين تي سڌو اثر پئجي رھيو آھي. ان ڪري چين انھن ٻنھي ملڪن وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ذميداري پاڻ تي کڻڻ جو ارداو ڪري ورتو آھي.
چين جي ھڪ اعليٰ عملدار ٽي ٽي پي، جي خطري بابت پاڪستان جي ورتل بريفنگ کانپوءِ ڪابل جو دورو ڪيو آهي. افغانستان لاءِ چين جي خاص نمائندي يوئي زيائويونگ تازو ڪابل ۾ طالبان جي سياسي معاملن واري نائب وزيراعظم مولوي عبدالڪبير، بچاءَ واري وزير ملا يعقوب ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ انھن سان ڳالھيون ڪيون. ان کان اڳ هن اسلام آباد ۾ پاڪستاني عملدارن سان به ڳالهيون ڪيون ھيون. ميڊيا جي رپورٽن مطابق، لڳي ٿو تھ چين هڪ نئين سفارتي ڪوشش شروع ڪئي آهي جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن تي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ آهي، اھو اھم مسئلو ڪابل، اسلام آباد جي ڪوششن باوجود اڃا تائين ختم نه ٿي سگھيو آهي.
چين جي اعليٰ سفارتڪار جو ڪابل ۽ اسلام آباد جو دورو پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي بيجنگ جي تازي ڪوشش جو ھڪ حصو هو. چين ماضي ۾ ٽي ٽي پي مسئلي تي الڳ الڳ ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪئي پر انهن ڪوششن ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي ھئي.
بيجنگ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي پنھنجي وسيع تر رابطا ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ جي علائقائي مفادن ۾ رڪاوٽ سمجهي ٿو ۽ پاڪستان افغانستان ٽڪراءَ سبب ڳڻتي ۾ آهي. ان کان علاوه افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي موجودگي به بيجنگ جي مفادن لاءِ خطرو آهي.
چيني شهري به پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خطري هيٺ اچي ويا آهن. هن سال ٻن مختلف حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 چيني شهري مارجي ويا آھن. افغانستان جي حوالي سان چين، ٻين ملڪن جي ابتڙ، عام طور تي احتياط سان ٺاهيل پاليسيءَ تي عمل ڪندو آهي ۽ بند دروازن جي پويان پنهنجي خدشن کي دور ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪندو آهي.
پاڪستاني اختيارين جو خيال آهي ته چيني سفير افغانستان ۾ دهشتگردن جي پناهه گيرن جو معاملو طالبان قيادت سان اٿاريو آھي. افغان نائب وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا بحث جي موضوعن مان هڪ هئا. بيان موجب چين جي خاص نمائندي گذريل ٽن سالن ۾ افغانستان جي ترقي جي واکاڻ ڪئي ۽ افغانستان، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن ۽ گڏيل مفاهمت کي هٿي جي اهميت تي زور ڏنو.
افغان نائب وزيراعظم چيني سفير کي ٻڌايو ته اسلامي امارت پنهنجي پاڙيسري ملڪن ۽ عالمي برادري کي مسلسل يقين ڏياريو آهي ته افغانستان ڪنهن به ملڪ لاءِ خطرو ناهي ۽ گذريل ٽن سالن ۾ ان يقين کي برقرار رکيو آهي. بيان موجب نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغانستان هڪ ڊگهي عرصي کان تڪرار مان گذري رهيو آهي ۽ پنهنجي قومي معيشت جي بحالي ۽ علائقائي تعاون کي وڌائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.
گذريل هفتي پاڪستاني عملدارن سان ملاقات ۾ پاڪستان چيني سفير کي افغانستان جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو ته ڪيئن پاڙيسري ملڪ جي سرزمين اڃا تائين ٽي ٽي پي ۽ ٻيا دهشتگرد گروپ استعمال ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ طالبان حڪمران ان کان مسلسل انڪار ڪندا رهيا آهن.