افغانستان جي معدنيات ۾ روس ۽ چين جي دلچسپي

خطي جا ٻه طاقتور ملڪ روس ۽ چين هن وقت افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت سان سيڙپڪاري ۽ معاشي سرگرمين ۾ سھڪار لاءِ مصروف آهن، جنهن جو تازو مثال ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن جو افغانستان جو تازو دورو آهي . تازو روسي سيڙپڪارن جي وفد ڪابل جو دورو ڪيو ۽ اختيارين سان ملاقاتون ڪيون ۽ افغانستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي خواهش جو اظهار ڪيو.

بي بي سي مانيٽرنگ موجب، افغانستان جي سرڪاري ٽي وي چينل 17 نومبر تي هڪ رپورٽ ۾ چيو آھي ته "معاشي معاملن جي نائب وزير اعظم ملا عبدالغني برادر ڪابل ۾ روسي ۽ افغان سيڙپڪارن جي هڪ گروپ سان ملاقات ڪئي آهي.” ملاقات ۾ روسي سيڙپڪارن ان خواهش جو اظهار ڪيو ته روس نه رڳو افغانستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو پر ان سان گڏ پنهنجا تجربا به شيئر ڪرڻ چاهي ٿو، جنھن ۾ٽرانسپورٽ سميت زراعت، ريلوي ۽ صحت جي شعبن ۾ سيڙپ ڪرڻ تي رضامندي ظاھر ڪئي آھي.

رپورٽ موجب روسي واپارين انفراسٽرڪچر ، صنعت، واپار، ٽرانسپورٽ، زراعت، ريلوي ۽ صحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي خواھش ظاھر ڪئي آھي. ملاقات ۾ عبدالغني برادر چيو ته طالبان حڪومت روسي سيڙپڪارن سان مڪمل سھڪار ڪندي. ياد رهي ته افغانستان ۾ چيني ڪمپني افچين آمو درياھ جي بيسن ۾ تيل جي وڌيڪ 18 کوهن کوٽڻ ۽ گئس جي ڳولا جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

اتر افغانستان ۾ چيني ڪمپني پاران تيل ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي، چين وانگر روس به افغانستان جي گئس، تيل ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاھي ٿو.ان حوالي سان روس ٽرانسپورٽ، زراعت ۽ صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي رٿائن ۾ پڻ دلچسپي ڏيکاري آهي.

ان مان ظاهر آھي تھ روس افغانستان سان جاگرافيائي ۽ اقتصادي ڀائيواري ڪرڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

روس پنهنجي ايشيائي پاڙيسري ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا سان واپار کي وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.