تجويز ڪيل 30 هين آئيني ترميم

تحرير: امر جليل

اسان فقيرن جي لاءِ وڏي خوشخبري جي ڳالهھ آهي. ٻڌندا تھ توهان به خوش ٿي ويندا، توهان کي پنھنجي ڪنن تي اعتبار نھ ايندو ، توھان ڪنھن ENT اسپيشلسٽ ڳلي، نڪ ۽ ڪن جي تمام وڏي ڊاڪٽر جي ڳولا ۾ نڪري پوندا، توهان پنهنجي ڪنن جي باري ۾ تصديق ڪرڻ ويندا. اهو سڀ توھان ان ڪري ڪندا ته جئين توھان منھنجي واتان جيڪا بريڪنگ نيوز ٻڌي آھي.اھا نيوز توھان درست ٻڌي آھي.اھا خبر سئو سيڪڙو اعتبار جوڳي آھي.ان ڳالھھ ۾ ڪنھن قسم جي مونجھاري جي گنجائش نھ آھي، اھا اسان فقيرن جي 75 ورھين جي ڪاوش جو مثبت نتيجو آھي.

مان آئين ۾30هين ترميم جي ڳالھھ ڪري رھيو آھيان.مان ڄاڻان ٿو تھ توھان وڏا تيز مزاج تاريخدان آھيو.توهان بجا طور تي فقيرن کان پڇي سگهو ٿا ته وجود ۾ اچڻ جي پهرين 24 سالن تائين اسان وٽ يعني پاڪستان ۾ ابتدائي 24 سالن تائين مستَند آئين نه هو، اسان جا مڙھيل حڪمران بنا آئين جي اللھ ٻيلي ملڪ ھلائي رھيا ھئا. انگريزن جا ڇڏيل ٻه ڪتاب انڊين پينل ڪوڊ ۽ انڊين ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ کي نظر ۾ رکي حڪومت ڪندا ھئا. برجستن جو اعتراض درست آهي. مون ڪڏهن تاريخ جي نفي نھ ڪئي آهي. ادب سان عرض ڪريان ته فقيرن ڪڏهن به تاريخي حقيقتن جي ابتڙ ڳالهه نه ڪئي آهي. پنهنجي وجود ۾ جھاتي پائي ڏسڻ کان پوءِ، فقير دل جي ڳالھھ زبان تي آڻيندا آهن.

عقيدي ۽ اعتماد وانگر، اسان سڀ پنهنجي وجود ۾ هڪ عدد آئين بھ سنڀالي رکندا آهيون.آئين مطابق پنھنجي زندگيءَ گذارڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون.زندگيءَ جئين تھ متحرڪ ھوندي آھي ان ڪري آئين ۾ تبديلين جا خواھشمند ھوندا آھيون.وقت گذرڻ سان گڏ پنھنجي طرفان پنھنجي وجود ۾ رھندڙ آئين ۾ ڪجهه ڦيرڦار،ڪجهھ بدل سدل ڪرڻ چاھيون ٿا.اهو اسان جو بنيادي حق آهي، جيڪڏهن اسان ايئن نه ڪيو يا وري ائين ڪرڻ کان پاسو ڪيو تھ پوءِ سڄي عمر ،اسان جي ۽ آئين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري رھندي.

اڪثر وقتن تي الجھي ھٿين پئجي وڃڻ کان بھ پاسو نھ ڪنداسين. آئين، پوءِ چاهي اهو آئين اندروني هجي، يعني وجودي هجي يا وري ٻاھريون ھجي، اسان فقير آئين کي مٿڀرو سمجهون ٿا،هڪ ڊگهي تمھيد کان پوءِ، توهان سمجهي ويا هوندا ته اسان ڇو گذريل 75 ۽ 76 ورھين کان پنھنجي آئين ۾ مثبت تبديلي ڏسڻ چاهيون ٿا. انھن 75 سالن ۾ شروع جا چوويهه سال به شامل آهن، جن ۾ اسان جو ملڪ اڻ چونڊيل سياستدانن پنهنجي مرضيءَ سان ۽ انگريز بهادر جي ڇڏيل دستاويز ۽ ٻن ڪتابن، انڊين پينل ڪوڊ ۽ انڊين ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ کي نطر ۾ رکندي ھلائيندا رھيا ھئا. شروعاتي سالن ۾ سموري گڙٻڙ ان ڪري ٿي رھي ھئي جو قانوني ۽ انتظامي ڍانچو انگريزن جو هو ۽ انٽرپريٽ يعني انگريزن جي ڇڏيل قانون جي تشريح ۽توضيح ڪندڙ اسان ماڻھو مڪمل طور تي ڳوٺاڻا ۽ ٻهراڙيءَ جا ماڻھو ھئاسين.

ان ڪوتاھي جي نتيجن کي ابوالڪلام آزاد جي پلڙي ۾ وجھي ٿا ڇڏيون.ھن لکڻي ۾ فرمايو ھو تھ 25 سالن کانپوءِ پاڪستان ٽٽي ويندو. پر ان اڳڪٿي کان هڪ سال اڳ، پنھنجي وجود ۾ اچڻ جي چوويهين سال پاڪستان ُٽٽي ويو ھو. ان سانحي جي ملبي جو ھڪ ڪک بھ اسان کڻڻ لاءِ تيار نٿا ٿيون.ان سانحي جو سمورو ملبو ابوالڪلام آزاد ۽ ان جي ملڪ تي وجھي ڇڏيون ٿا ۽ پاڻ کي ذمي کان آجو ٺھرايون ٿا. سبحان الله ..اھڙي عبرت انگيز تاريخ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ اسين پنھنجي ٻارن کي پڙھايون ٿا،زيرڪ تاريخدانن کي ھاڻي فقير جي ڳالھھ سمجهه ۾ اچي وئي هوندي ته مان جڏهن به پاڪستان سان لاڳاپيل ڪا ڪهاڻي ٻڌائڻ ويھان ٿو تڏھن ان ڪهاڻيءَ جي ابتدا 75، 76 سال اڳ کان شروع ڪريان ٿو

.شروعاتي چوويھھ سالن کي نظر انداز ڪرڻ سان پاڪستان جي تاريخ اڻ مڪمل سمجھي ويندي.تاريخي المئي سان گڏو گڏ، هي الميو منهنجو ذاتي الميو پڻ آهي. تڏھن مان هن دنيا ۾ اچي چڪو ھوس، ان المناڪ المئي جو مان عاجز اکين ڏٺو شاھد آھيان.پاڪستان جو ٺهڻ ڪو مذاق نه هو. خوفناڪ فسادن ۾ لکين هندو، مسلمان ۽ سک مردن، عورتون ۽ ٻار بيدردي سان ماريا ويا ھئا، اغوا ٿي ويا ھئا ۽برباد ڪيا ويا ھئا.اهڙي ھيبتناڪ سفاڪي توھان کي تاريخ ۾ نھ ملندي.

اڻويهه سئو ستيتاليھھ ۾ مان پنهنجن بي انتھا عزيز ساٿين ۽ دوستن کان وڇڙي ويو ھوس.بدبخت تاريخ ٻيھر پاڻ کي ورجايو. 1971ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مان پنهنجن عزيز ترين دوستن ۽ دل ۾ رھندڙن کان وِڇڙي ويس. اسان ختم ٿي ويندا آھيون. ڪهاڻيون ختم نھ ٿيندويون آھن.اسان جي ڪھاڻي توھان ڪنھن ٻئي کان ٻڌندا.مان توھان کي خوشخبري ٻڌائڻ چاھيان ٿو.سرڪار نامدار فقيرن جي تجويز ڪيل ترميم مڃي ورتي آهي، اسان جي تجويز 30هين آئيني ترميم هوندي. آئيني ترميم جي جا بنيادي نُڪتا ٻڌي وٺو.فقير چاھي ٿو تھ ملڪ کي ڪٽنب پروري جي سياست کان نجات ملي وڃي.نھ تھ بيدو جو آمليٽ ھڪ ئي بورچي خاني ۾ تريو ويندو ۽ ڊائيننگ ٽيبل تي آمليٽ اڦراٽي سان گڏ کاڌو ويندو ۽ اوڳرائي اسيمبلي جي اجلاس ۾ڏني ويندي.تجويز ڪيل ترميمون ٻڌي وٺو. ھڪ ئي وقت ۾ سس اسيمبلي جي ميمبر ٿي سگھندي يا وري ھن جي ننھن،سس ۽ننھن ھڪ ئي وقت ۾ اسيمبلي ميمبر نٿيون بڻجي سگھن.

ملڪ سس ننھن جي چاقي ناچاقي گھڻو برداشت ڪري ورتي آھي. اهڙي طرح سھرو ۽ ناٺي صاحب گڏ اسيمبلي ميمبر نه ٿا بڻجي سگهن.جيڪڏھن سھرو اسيمبلي ميمبر بڻجندو تھ ان جو ناٺي اسيمبلي ميمبر نٿو بڻجي سگھندو.پيءُ سان گڏ ان جا پٽ، ڌيئرون، ڏوھٽا ۽ ڏوھوٽيون اسيمبليءَ جا ميمبر نٿا بڻجي سگهن. جيڪڏهن مامون اسيمبليءَ ميمبر آهي ته پوءِ چاچو اسيمبليءَ جو ميمبر نه ٿو بڻجي سگهي. اسان فقير چاھيون ٿا تھ ھي قوم ڪڏھن ڪا اھڙي اسيمبلي ڏسي جنھن ۾ ميمبر ھن جا ٻيا سنڍو ۽ مائٽ نھ ھجن.فقيرن جي يقين کي منزل تان ٿيڙڻ جي لاءِ ڳجھين خابرو ايجنسين جي ھڪ نائب قاصد مون کي ٻڌايو آهي ته ووٽ ڏيندڙ اسان ماڻھو اڪثريت ۾ هجڻ جي باوجود ووٽ وٺندڙ اسيمبلي ميمبرن جي اقليت جي سامهون بيوس آهيون. اهي اسان جي ترميمن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيندا.اسيمبليون قيامت تائين رڌڻو ئي بڻيل رھنديون.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.